سنڌ ۾ آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون، عارف خان ايم ڊي واٽر بورڊ مقرر

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ سرڪار هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل غلام عارف خان کي ايم ڊي واٽر بورڊ مقرر ڪيو آهي، جتان سليمان چانڊيو کي بدلي ڪري چيف انجنيئر واٽر بورڊ مقرر ڪيو ويو آهي، ساڳي ريت ڊاڪٽر شفقت عباسي اسپيشل سيڪريٽري هيلٿ کي بدلي ڪري ايڊيشنل سيڪريٽري گهرو کاتو مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل رئوف اختر فاروقي کي سيڪريٽري آءِ ٽي مقرر ڪيو ويو آهي، جتان محمد ذاڪر خان کي اسٽاف ڪاليج ٽريننگ لاءِ موڪليو ويو آهي، ساڳي ريت پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل علي ممتاز زيدي کي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ميگا سٽي پروجيڪٽ ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي، جتان ملڪ اسرار کي ٽريننگ تي اسٽاف ڪاليج موڪليو ويو آهي، ساڳي ريت ٺل جي ڊي ڊي او روينيو علي شير ميراڻي کي فوري طور هٽائي کيس ايس اينڊ جي اي ڊي ۾ رپورٽ ڪرائي آهي.