اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

ملڪ ۾ جنگي حالتون آهن، ڀڪر واقعي ۾ پرڏيهي هٿ ملوث آهن:(ن) ليگ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) (ن) ليگ جي مرڪزي اڳواڻ صديق الفاروق ڀڪر آپگهاتي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ان ۾ پرڏيهي هٿ ملوث آهن ۽ اهي غير ملڪي هٿ فوج ۽  سياسي قيادت کي به نشانو بڻائي پاڪستان کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جنگي حالتن مان گذري پيو ۽ دشمن ملڪ کي خاص حڪمت عملي تحت نشانو بڻائي رهيا آهن، هاڻي ملڪ جي سياسي قيادت کي هڪٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ بدران پارليامينٽ ۾ دهشتگردي خلاف جنگي بنيادن تي پاليسي ٺاهڻ گهرجي، هن چيو ته نواز شريف اڄ پهچندو، هن چيو ته حملن باوجود عوامي مسئلا حل ڪنداسين پر احتياط به ڪيو ويندو.