اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
سنڌ حڪومت طرفان 14 سال قيد ڪاٽيندڙ عمر قيد جي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪراچي (رپورٽ: اعظم زهراڻي ) سنڌ سرڪار ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ مختلف ڏوهن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي سزا ڪاٽيندڙ قيدين توڙي ڏوهه ۾ مقرر ٿيل سزا کان وڌيڪ قيد ڪاٽيندڙ ڪچن قيدين کي پيرول تي آزاد ڪرڻ ۽ 14 سالن تائين سزا ڪاٽيندڙ عمر قيد سزا وارن قيدين کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪچن قيدين جا ڪيس تڪڙو اڪلائڻ لاءِ خالي پيل عدالتن ۾ ججن جي مقرري لاءِ جيلن بابت وڏي وزير جو صلاحڪار گل محمد جکراڻي ۽ سنڌ جو ايڊووڪيٽ جنرل يوسف لغاري اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عزيز الله ميمڻ سان ملاقات ڪندا، ان کان علاوه جيل مينيوئل ۾ سڌارا آڻي ان کي موجوده وقت مطابق بڻائڻ لاءِ جيلن بابت صلاحڪار جي سربراهي ۾ گهرو کاتي جي سيڪريٽري، آءِ جي جيل، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ عدليا جي نمائندن تي ڪاميٽي جوڙڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙا فيصلا ڪالهه جيلن بابت وڏي وزير جي صلاحڪار گل محمد جکراڻي ۽ سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل يوسف لغاري وچ ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ ڪيا ويا. گڏجاڻي کان پوءِ سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل محمد يوسف لغاري ڪاوش کي ٻڌايو ته جيلن بابت وڏي وزير جي صلاحڪار گل محمد جکراڻي سان سنڌ جي جيل مينيوئل سميت جيلن اندر سڌارا آڻڻ، قيدين جو تعداد گهٽائڻ، غريب قيدين کي مفت قانوني مدد فراهم ڪرڻ، عدالتن ۾ ججن جي کوٽ ختم ڪرڻ توڙي قيدين جي ڪيسن جي ٻڌڻي ۽ انهن ۾ سندن پيشي کي يقيني بڻائڻ لاءِ صلاح مشورا ڪرڻ بعد فيصلو ڪيو آهي ته قيدين کي وقت سر انصاف جي فراهمي لاءِ ڪراچي سميت حيدرآباد، سکر ۽ ٻين ضلعن جي خالي پيل عدالتن ۾ ججن کي مقرر ڪرائڻ لاءِ اڄ چيف جسٽس سان ملاقات ڪئي ويندي، ان موقعي تي جيلن بابت وڏي وزير جي صلاحڪار گل محمد جکراڻي ڪاوش کي ٻڌايو ته ايڊووڪيٽ جنرل سان سنڌ جي جيلن جي صورتحال، قيدين کي انصاف جي فراهمي، سندن ڪيسن جي تڪڙي اڪلاءَ، جيل مينيوئل ۾ سڌارا آڻي ان کي موجوده وقت مطابق بڻائڻ بابت غور ويچار ڪري فيصلو ڪيو آهي ته ٻه ڀاڱي ٽي سزا ڪاٽيندڙ سمورن قيدين کي پيرول تي آزاد ڪيو ويندو. هن چيو ته عمر قيد جي سزا وارن قيدين کي حڪومت پاران اعلانيل رعايتون ڏنيون وينديون ۽ 14 سال قيد ڪاٽيندڙن کي آزاد ڪيو ويندو. هن چيو ته جيل مينيوئل ۾ سڌارن لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي ويندي جنهن ۾ گهرو کاتي جو سيڪريٽري، آءِ جي جيل، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ عدليا جا نمائندا شامل هوندا ۽ ان ۾ اڳوڻن قيدين کان به مشورا ورتا ويندا، ڄاڻايل ڪاميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ جيل مينيوئل ۾ سڌارا آندا ويندا. هن چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ عدالتون خالي هجڻ سبب قيدين جا ڪيس رولڙي ۾ پئجي ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ مختلف جيلن ۾ قيدي امن امان جو مسئلو پيدا ڪري رهيا آهن. جنهن بابت پڻ صلاح مشوري کان پوءِ اڄ چيف جسٽس سان ملاقات ڪري کيس خالي پيل عدالتن ۾ ججن جي مقرري لاءِ گذارش ڪئي ويندي. هن چيو ته قيدين جي عدالتن ۾ پيشي کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي ويندي ۽ ان ڏس ۾ روزانو جي بنيادن تي جيلن کان رپورٽ ورتي ويندي ته ڪيترن قيدين جا پراڊڪشن آرڊر جاري ٿيل هئا ۽ ڪيترن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويو. هن چيو ته جيل عملي جون پگهارون ۽ سهولتون پنجاب جي جيل عملي مطابق بڻائڻ لاءِ سمري وڏي وزير حوالي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته جيل ۾ قيدين تي تشدد ڪرڻ، کين ڏنڊا ٻيڙيون هڻڻ، بند وارڊ ڪرڻ، جوڙي ۾ رکڻ ۽ قيدين جي تذليل ڪرڻ تي سختي سان پابندي هڻي ڇڏي آهي پر جيڪڏهن ان باوجود ڪو اهلڪار ملوث ثابت ٿيو ته ان کي گهر اماڻيو ويندو.
|