اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

مشرف کي محفوظ رستو ڏيندڙ ملڪ جا خير خواهه ناهن:مينگل

ڪوئيٽا(آن لائن) بلوچ قومپرست اڳواڻ عطاءُ الله  مينگل  چيو  آهي ته پرويز مشرف کي محفوظ رستو ڏيندڙ ملڪ جا خيرخواهه ناهن، جيڪڏهن ڊڪٽيٽر سز ا کانسواءِ نڪري وڃي ته اها  پاڪستان جي 16 ڪروڙ  عوام جي توهين  هوندي، پرويز مشرف کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ٻين لاءِ عبرت جو نشان بڻايو وڃي، عطاءُ الله مينگل چيو ته صرف اهو ڪافي ناهي ته  مشرف مان جان ڇٽي وئي پر انهيءَ ڳالهه تي  به سوچڻ گهرجي ته اهو ڪٿان جو رواج آهي ته هڪ ڊڪٽيٽر اچي  خزانو  لٽي ۽ ماڻهن جو قتل عام ڪري ۽ بعد ۾ پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا ڪرڻ بعد صحيح سلامت نڪري وڃي، هن چيو ته اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته سعودي عرب وڃي حرم ۾ انهن ماڻهن کي پناهه ڏني وڃي، جيڪي ماڻهن جي قتل  عام ۾ ملو ث آهن، هن چيو ته اسان کي انهيءَ خوشفهمي ۾ نه ر هڻ گهرجي ته بلوچستان جي زخمن تي ڪو اچي مرهم رکندو، پر اسان ايترو مطالبو ضرور ڪنداسين ته مشرف  کي بلوچستان جي سرزمين تي آڻي ساڻس اهو حشر ڪيو وڃي، جيڪو هن بلوچن سان ڪيو.