|
ايڊز ۽ ڪينسر بابت تحقيق ڪندڙ 3
سائنسدانن کي طب جو نوبل انعام ڏيڻ جو اعلان
اوسلو
(مانيٽرنگ ڊيسڪ) طب بابت 2008ع جو نوبل انعام ايڊز وائرس
دريافت ڪندڙ فرانس جي ٻن سائنسدانن لوڪ مونٽا جنر ۽ فرينڪوائز
بري سنوسي ۽ سروائيڪل ڪينسر جو سبب بڻجندڙ وائرس دريافت ڪندڙ
جرمني جي سائنسدان هرالڊ ذر هاسن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي،
سروائيڪل وائرس عورتن ۾ ڪينسر پيدا ڪندڙ ٻيو نمبر اهم ترين
وائرس آهي، ايڊز بابت تحقيق ۽ بچاءَ واري اداري جي ڊائريڪٽر
لوڪ مونٽا جنر ۽ پاسٽر اسنٽيٽيوٽ جي فرينڪوائز بري سنوسي کي
مقرر انعام رقم 8 لک برطانوي پوائونڊن مان اڌ رقم انعامي طور
ملندي، واضح رهي ته 1980ع واري ڏهاڪي ۾ منظر تي آيل ان وائرس
سبب لکين انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، طب جي نوبل انعام
لاءِ رکيل باقي اڌ رقم جرمني ۾ ڪينسر جي تحقيق واري اداري جي
اڳوڻي ڊائريڪٽر ۽ ڊيو سلڊورف يونيورسٽي جي هرالڊ ذرهاسن کي ڏني
ويندي، هر سال طب جي شعبي ۾ غير معمولي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ
سائنسدانن کي سڀ کان پهرين نوبل انعام ڏنو ويندو آهي، سائنس،
امن ۽ ادب جي شعبن ۾ اعليٰ ڪارڪردگي تي ڊائنا مائيٽ جي موجد
الفريڊ نوبل جي وصيت تي پهريون ڀيرو 1901ع ۾ نوبل انعام جي
شروعات ڪئي وئي.
|