دبئي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) |
|
فيصل آباد ۾ پيش امام تي تشدد، مدد لاءِ لائوڊ اسپيڪر تي دانهون فيصل آباد (آن لائن) فيصل آباد ۾ مسجد جي پيش امام قاري الهه يار کي جوابدارن محمد انور، محمد سرور، محمد همايون ۽ محمد حسين يرغمال بڻائي جسماني تشدد ڪري بي حال ڪري ڇڏيو، مسجد جي پيش امام مسجد جو لائوڊ اسپيڪر کولي پنهنجي مدد لاءِ دانهون ڪرڻ شروع ڪيون، ان دوران پيش امام جي مدد لاءِ ايندڙن کي به جوابدارن مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ فرار ٿي ويا، ٽڪيري والا ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري ناهي سگهي.
|