ميران شاهه(اي ايف پي)

آمريڪي مالي بحران: بش طرفان 700-ارب ڊالرن جو پيڪيج ڪانگريس ۾ پيش

واشنگٽن (ڪامرس ڊيسڪ) آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش طرفان تجويز ڪيل 700-ارب ڊالرن جي مالياتي پيڪيج جو منصوبو ڪانگريس ۾ پيش ڪيو ويو آهي، ڪجهه ماهرن اڳڪٿي ڪئي آهي ته ان پيڪيج جي ماليت هڪ ٽريلين ڊالرن تائين پهچي سگهي ٿي، صدر بش طرفان ڪانگريس کي اماڻيل هڪ پيڪيج هيٺ آمريڪا ۾ موجود آمريڪي مالياتي اداري جا اثاثا خريد ڪيا ويندا، جڏهن ته منصوبي تي عمل لاءِ پرڏيهي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪري سگهجن ٿيون، جڏهن ته خزاني واري وزير جي عمل کي ڪنهن عدالت ۾ چئليج نه ڪري سگهبو.