دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ)

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صدر جي واتان پختونخواهه جو لفظ ٻڌو ويو:اسفنديار

اسلام آباد : عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفنديار ولي  چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پارليامينٽ کي پنهنجا اختيار واپس ڪرڻ جي  ڳالهه ڪئي وئي  آهي، صوبائي خودمختياري ۽ سرحد صوبي جو نالو پختونخواهه رکڻ جي حوالي سان  صدر جا بيان حوصلا افزائي ڪندڙ آهن. ڏيهي توڙي پرڏيهي  دشمنن کي ملڪ اندر  حملن جي اجازت نه ڏني ويندي، اهڙو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران  صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، اي اين پي جي سربراهه وڌيڪ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پارليامينٽ ۾ ڪنهن صدر جي واتان پختونخواهه لفظ ٻڌو ويو، جڏهن ته صوبائي خودمختياري ۽ صوبن جي حقن جي ڳالهه به پهريون ڀيرو ڪنهن صدر جي زبان تي آئي جنهن تي صدر کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا،   پهريون ڀيرو ڪنهن صدر پنهنجا اختيار گهٽائڻ جي حوالي سان  پارليامينٽ کي فري هينڊ ڏئي نئين تاريخ جوڙي آهي. هن چيو ته مسلم ليگ ن سميت ڪنهن کي به پختونخواهه  جي باري ۾ تڪليف نه ٿيڻ کپي،  جلد خبر پئجي ويندي ته 17 ترميم ۽ 58 ٽو بي جي حوالي سان ڪير ڪٿي بيٺو آهي،