|
نواز پاڻ
به زبان ڪري ڦري وڃي ٿو،2 ڀيرا چونڊ جو بائيڪاٽ ڪري پوئتي
هٽيو:قاضي حسين
دبئي(مانيٽرنگ
ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير قاضي حسين احمد چيو آهي ته پ پ سان
معاهدا ٽوڙڻ جون شڪايتون ڪندڙ نوازشريف پاڻ به زبان ڪري ڦري
ويندو آهي، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن گذريل
چونڊن ۾ 2 ڀيرا چونڊن جي بائيڪاٽ جي ڳالهه ڪئي پر پوئٽي هٽي
ويو، پوءِ وري اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪيو پر پوئتي هٽيو ۽
بائيڪاٽ ڪيو، نيٺ اليڪشن ۾ هن حصو ورتو.
|