اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

منهنجي آزادي لاءِ قوم احتجاج ڪري پئي پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ نه ٿي چري:عبدالقدير

اسلام آباد (آن لائن) ايٽمي سائنسندان ڊاڪٽر عبدالقدير خان چيو آهي ته منهنجي آزادي لاءِ پوري قوم احتجاج ڪري رهي آهي پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري، منهنجي حفاظت جو صرف بهانو ڪيو پيو وڃي، جيڪي بينظير ۽ ٻين ماڻهن جي حفاظت نه ڪري سگهيا اهي منهنجي حفاظت ڇا ڪندا، هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪندي ڊاڪٽر عبدالقدير خان چيو آهي ته منهنجي غيرقانوني پابندين تي شاگرد تنظيمن ۽ ٻين ڪيترن ئي تنظيم احتجاج ڪيو پر حڪومت ان معاملي کي ائين وساري ڇڏيو جيئن آئون ملڪ ۾ ئي نه هجان ۽ حڪومت جي ڪنن تي جونءَ به نه ٿي چري، هن چيو ته مون جنهن مسجد ۾ 25 سال نماز پڙهي گذريل ساڍن 4 سالن کان مون کي اتي نمار پڙهڻ جي اجازت ناهي، ان سان مون کي ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي ۽ ماڻهن کي احساس ٿئي ٿو ته هتي احسان ڪندڙن سان اهڙو سلوڪ ڪيو ويندو آهي، ان سان گڏ ڪنهن به چڱائي جي اميد نه رکڻ کپي، هن چيو ته هن ملڪ لاءِ اسان جان  تي کيڏي سڀ ڪم ڪيا پر شايد هاڻي ڪو هن ملڪ جي ڀلائي لاءِ پنهنجي جان سان کيڏي، هن چيو ته اسان پنهنجي اکين سان پاڪستان کي ٺهندي، مسلمانن تي ظلم ٿيندي ۽ هندوستانين جي اسان جي ماڻهن تي ظلم ڪندي ڏٺو هو، ٻاهران تمام سٺي نوڪري ۽ ٻيون سهولتون ڇڏي زال ۽ ٻارن کي هتي آندو ۽ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ورتي، هڪ مسواڙ جي گهر ۾ رهائش اختيار ڪئي، جنهن گهٽ پگهار کنئي اسان ملڪ تي احسان ناهي ڪيو، پر احسان لاهڻ آياسين هئاسين ڇو ته  هن ملڪ ۾ اسان کي مسلمان جي حيثيت سان رهڻ ۽ زندگي گذارڻ جو موقعو مليو، هن چيو ته جمهوري حڪومت ۾  هي پهرين عيد هئي ۽ مون کي عيد نماز پڙهڻ جي اجازت نه ڏني وئي، جنهن تي مون کي گهڻو ڏک ٿيو، حڪومت اهڙي طرح اکيون بند ڪيون آهن،  هن چيو ته عوام مون سان فون ڪري همدردي جو احساس ڪن ٿا، هن چيو ته قوم جي سامهون اهو بهانو بڻايو وڃي ٿو ته منهنجي حفاظت لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيا  آهن پر اهي ماڻهو بينظير ۽ ٻين هزارين ماڻهن جي حفاظت نه ڪري سگهيا، هن چيو ته منهنجي حفاظت الله ڪري ٿو ۽ ڪندو، هن چيو ته جڏهن آئون ايٽمي پروگرام جو انچارج هئس تڏهن آئون پوري دنيا ۾ کلي عام ويس ته مون کي ڪنهن به نه ماريو، اڄ مون کي ڪير ماريندو هاڻي ته آئون ان سسٽم کان الگ ٿي چڪو آهيان.