اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
وفاقي حڪومت پنهنجي ئي فيصلي تان ڦري وئي،تڪراري ڪالا باغ ۽ اکوڙي سميت وڏا ڊئم اڏڻ جو اعلان اسلام آباد (رپورٽ: قربان بلوچ) وفاقي حڪومت پنهنجي ئي فيصلي تان ڦري وئي، هڪ دفعو ٻيهر تڪراري ڪالا باغ ڊئم جي جن ۾ ساهه وجهڻ شروع ڪري ڇڏيو، پ پ سان واسطو رکندڙ وفاقي وزير راجا پرويز اشرف پاران اڳوڻي (ق) ليگ حڪومت جي 17 جنوري 2006ع جي وفاقي ڪابينا جي فيصلي تي عمل ڪري تڪراري ڪالا باغ ڊئم سميت اکوڙي ۽ ڀاشا سميت ٻيا وڏا ڊئم تعمير ڪرڻ جو اعلان، ڀاشا ڊئم جي تعمير جو ڪم 2009ع ۾ شروع ڪرڻ جو امڪان، بجلي تي سبسڊي جو بار عام صارفين تي منتقل ڪرڻ جو اعلان، ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ سوالن جا لکت ۾ جواب ڏيندي پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير راجا پرويز اشرف چيوته ملڪ ۾ 23.5 ايم اي ايف اضافي پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ 17 جنوري 2006ع جي ڪابينا فيصلي تحت سنڌو درياءَ، سوات ۽ ڪرم دريائن تي ڀاشا، اکوڙي، ڪالا باغ، منڊا ۽ ڪرم تنگي ڊئم سميت ٻيا ڊئم تعمير ڪيا ويندا، هن چيو ته بجلي ۽ پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ جيترا وڏا ڊئم آهن، اهي تعمير ڪيا ويندا. هن چيوته پاڻي ۽ بجلي وسيلن جي ترقي ۽ مئنيجمينٽ لاءِ واپڊا ويزن 2025ع شروع ڪيو آهي، جنهن تحت ميراڻي ۽ سبڪزئي ڊئم تعمير ٿي چڪا آهن، جڏهن ته گومل زم ۽ ست پارا ڊئم جي تعمير جو ڪم جاري آهي، هن ٻڌايو ته منگلا ڊئم جي اوچائي 30 فوٽ وڌائي پئي وڃي، جنهن ۾ 2.88 ايم اي ايف اضافي پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو، هن چيوته موجوده ڊئمن ۾ تربيلا ۾ 8.07 ايم اي ايف، منگلا ۾ 4.67 ايم اي ايف ۽ چشما ۾ 0.50 ايم اي ايف پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش آهي، هڪ ضمني سوال جي جواب ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير راجا پرويز اشرف چيو ته حڪومت بجلي تي سبسڊي ڏئي اها سستي اگهه تي صارفين کي پهچائي رهي آهي، حڪومت 7 رپيا في يونٽ بجلي 4 رپين ۾ فراهم ڪري ان تي 3 رپيا سبسڊي ڏئي رهي آهي، پر هاڻ حڪومت سبسڊي ڏيڻ برداشت نٿي ڪري سگهي، هاڻ اهو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پوندو، هن هڪ ٻئي سوال جو لکت ۾ جواب ڏيندي چيوته 1991ع واري پاڻي معاهدي ۾ فزيبل جاين تي ڊئم تعمير ڪرڻ جي ضرورت کي تسليم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته انڊس زون تي ڪيترن ئي ڊئمن جي تعمير جي تجويز آهي، جنهن مان 6.1 ايم اي ايف پاڻي رکڻ جي گنجائش رکندڙ ڀاشا ڊئم جي تفصيلي انجنيئرنگ ڊزائين مڪمل ٿي چڪي آهي، جنهن جي تعمير جوڪم 2009ع ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن کانسواءِ سنڌو تي اکوڙي سوات درياءَ تي منڊا ڊئم ۽ ڪرم تنگي ڊئم جون مناسب سائيٽون موجود آهن، هن هڪ سوال جو لکت ۾ جواب ڏيندي چيوته خريف 2007ع دوران ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 15.774 ايم اي ايف پاڻي ويو آهي، جڏهن ته مجموعي طور هر سال 365 ايم اي ايف پاڻي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ وڃي ٿو، جڏهن ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ هر سال 8 ايم اي ايف ۽ 5 سالن ۾ 25 ايم اي ايف پاڻي وڃڻ گهرجي، هن هڪ وڌيڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هڪ ڪلاڪ گهڙيون اڳتي ڪرڻ، مارڪيٽون سوير بند ڪرائڻ ۽ ٻين قدمن سان روزاني 250 ميگاواٽ بجلي بچت ٿئي ٿي، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيوته هينئر به شهرن ۾ 6 ڪلاڪ ۽ ٻهراڙين ۾ 8 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿئي ٿي، هن ٻڌايو ته چئني صوبن ۾ ننڍا ڊئم تعمير ڪرڻ لاءِ 92 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، جنهن رقم مان سنڌ اندر نئين گاج سميت هنگلول ۽ ٻيا 23 ننڍا ڊئم تعمير ڪيا ويندا، هن هڪ سوال تي چيو ته بلوچستان جي آبادگارن کي ٽيوب ويلن لاءِ بجلي تي وڌيڪ سبسڊي ڏيڻ جي تجويز غور هيٺ ناهي، وفاقي وزير راجا پرويز هڪ سوال جي جواب ۾ چيوته اکوڙي ڊئم جي فزيبلٽي اسٽڊي نومبر 2005ع ۾ مڪمل ٿي آهي، تفصيلي انجنيئرنگ ڊزائين لاءِ 5 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، 2005ع ۾ لڳايل ڪاٿي مطابق ڊئم جي تعمير تي 4.4 ارب ڊالر خرچ ايندو، نوان ڊئم تعمير ڪرڻ جي حوالي سان پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير راجا پرويز اشرف جي ڏنل جوابن دوران ق ليگ جي ايم اين اي ماروي ميمڻ چيو ته ٽيڪنيڪل ۽ هڪ ٻئي ڪاميٽي جي رپورٽ مطابق نوان ڊئم پاڻي نه هئڻ سبب ڀرجي نه سگهندا، ان مامري تي بحث ڪيو وڃي، پ پ جي محمد يوسف ٽالپر چيوته پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير مطابق هر سال ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 35 ايم اي ايف پاڻي وڃڻ وارو موقف درست ناهي، رڪارڊ مطابق خريف دوران 15.77 ايم اي ايف پاڻي ويو آهي. |