اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
”گوڏن تي هلي،نڪ رڳڙي معافي وٺان ٿو“اڳوڻي آءِ جي طرفان عدالت کي درخواست اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي 11 رڪني لارجر بئنچ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سان بدسلوڪي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، چيف جسٽس عبدالحميد ڏوگر جي سربراهي ۾ قائم 11 رڪني لاجر بئنچ ۾ڪالهه ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت اڳيان چيف جسٽس سان بدسلوڪي ڪيس ۾ سزائون کائيندڙ 7 انتظامي ۽ پوليس آَفيسرن طرفان راجا بشير، مجيب الرحمان، خالد رانجها ۽ ابراهيم ستي وڪيل پيش ٿيا، ان دوران ڪيس ۾ سزا يافته اڳوڻي آءِ جي اسلام آباد افتخار احمد جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته منهنجو مئوڪل گوڏن تي هلي نڪ رڳڙي غير مشروط طور معافي جو طلبگار آهي ۽ هو عدالت کي همدرداڻي طور غور ڪرڻ ۽ معاف ڪرڻ جي درخواست ڪري ٿو، جنهن تي جسٽس فقير محمد کوکر چيو ته توهين عدالت جي حوالي سان جيڪڏهن هن وقت قانون موجود ناهي ته آئين آرٽيڪل 205 تحت عدالت وٽ ان حوالي سان اختيار موجود آهن. ڪجهه آفيسرن جي غير موجودگي تي جسٽس فقير محمد کوکر رمارڪس ڏيندي چيو ته آفيسر ڇو موجود ناهن، هي ڪرمنل پروسيڊنگ آهي، هي ٻڌڻي اڳوڻين ٻڌڻين جو تسلسل آهي، ملزمن کي موجود هئڻ گهرجي، ان تي عدالت پڇيو ته اڳوڻو ڊي سي چوڌري محمد علي ۽ ڊي ايس پي جميل هاشمي ڪٿي آهن، جنهن تي کين ٻڌايو ويو ته اهي ملڪ کان ٻاهر آهن، ان تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته 29سيپٽمبر تي اليڪشن ڪميشن ٻاهران صدر مشرف جي ٻيهر چونڊ جي نامزدگي ڪاغذن جي پڙتال دوران صحافين ۽ وڪيلن تي ٿيل تشدد ۾ به اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر چوڌري محمد علي کي ملوث ڄاڻايو ويو هو، اهو عالت ۾ موجود نه هو، جنهن تي ٻنهي ڪيسن جي ٻڌڻي اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. |