مارشل لا جي گنجائش ناهي، جمهوريت لاءِ ڪم ڪندو رهندس:صدرمشرف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر پرويز مشرف هڪ دفعو ٻيهر استعيفا ڏيڻ جي ڳالهين کي رد ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ مارشل لا جي گنجائش ناهي، جمهوريت لاءِ ڪم ڪندو رهندس.هن اهڙن خيالن جو اظهار قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ ق ليگ اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات دوران ڪيو، چوڌري پرويز الاهي صدر سان ملڪ جي سياسي صورتحال، قبائلي علائقن جي نئين صورتحال ۽ مستقبل جي مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، ذريعن مطابق صدر پرويز مشرف ملاقات دوران سندس استعيفا  جي افواهن کي رد ڪندي چيو ته کيس پارليامينٽ چونڊيو آهي، تنهن ڪري هو آئيني ڪردار ادا ڪندو رهندو،  صدر قبائلي علائقن ۾ وڳوڙ توڙي خراب معاشي صورتحال  باوجود چيو ته ملڪ ۾ مارشل لا جي گنجائش ناهي، جمهوريت لاءِ ڪم  ڪندو رهندس، صدر چيو ته پارليامينٽ  کي سندس مواخذي جو اختيار آهي، ان جو هر فيصلو قبول هوندو، چوڌري پرويز الاهي صدر سان خاص ڪري پنجاب جي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. پرويز الاهي سان ملاقات دوران صدر مشرف وڌيڪ چيوته مستقبل ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪري سگهان ٿو، ذريعن موجب پرويز الاهي صدر کي صلاح ڏني ته هو  پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪري.