پاڪستان تاجڪستان ۽ ڪرغستان مان هزار ميگاواٽ بجلي امپورٽ ڪندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وچ ايشيائي رياستن تاجڪستان ۽ ڪرغستان مان افغانستان رستي پاڪستان لاءِ هڪ هزار ميگاواٽ بجلي امپورٽ لاءِ ڄاڻايل چئن ملڪن جي وزيرن  معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن،  وچ ايشيائي رياستن مان پاڪستان لاءِ هڪ هزار ميگاواٽ بجلي امپورٽ واري معاهدي تي ڪالهه پاڪستان جي پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير راجا پرويز اشرف افغانستان جي وزير جليل شمس، ڪرغستان ريپبلڪ جي وزير سپاربيڪ بلڪبيو ۽ تاجڪستان جي وزير اسدلو فلدموو صحيحون ڪيون، تاجڪستان ۽ ڪرغستان مان افغانستان رستي پاڪستان لاءِ هڪ هزار ميگاواٽ بجلي امپورٽ وارو منصوبو 2013 ع تائين مڪمل ٿيندو، ان موقعي تي پاڪستان جي پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير راجا پرويز اشرف بجلي امپورٽ جي معاهدي کي اهم قرار ڏيندي چيو ته حڪومت توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، 2015ع تائين 16 هزار ميگاواٽ اضافي بجلي پيدا ڪئي ويندي.