نواز ليگ طرفان پنجاب حڪومت هر صورت ۾ بچائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (رپورٽ: قربان بلوچ) صدارتي چونڊن جي صورتحال توڙي مستقبل جي سياسي حڪمت عملي تي غور لاءِ (ن) ليگ جي مرڪزي قيادت جو اجلاس پارٽي جي سربراهه نواز شريف جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، ذريعن مطابق اجلاس ۾ صدارتي چونڊن ۽ پ پ سان اتحاد ختم ٿيڻ کانپوءِ پنجاب حڪومت جي صورتحال تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ پ پ سان اتحاد ٽٽڻ کانپوءِ پنجاب ۾ (ن) ليگ حڪومت کي بچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ طئي ڪيو ويو ته جيڪڏهن پ پ طرفان اهڙو قدم کنيو ويو ته (ن) ليگ مرڪز ۾ جوابي قدم کڻندي، ذريعن مطابق اجلاس ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته ججن جي مري پڌر نامي تحت بحالي ۽ 17 هين ترميم کانسواءِ پ پ سان ڪنهن به قسم جي ورڪنگ رليشن شپ قائم ڪرڻ کان پاسو ڪيو ويندو، ذريعن مطابق اجلاس ۾ نواز شريف چيو ته هٽايل ججن جي بحالي لاءِ پ پ طرفان اختيار ڪيل حڪمت عملي قابل قبول ناهي، پ پ ججن جي بحالي جو جيڪو طريقو اختيار ڪيو، ان سان عدليا حقيقي نموني بحال نه ٿيندي، جيتوڻيڪ جمهوري ادارن جي مضبوطي لاءِ عدليا جي حقيقي بحالي ضروري آهي ۽ عدليا جي بحالي کانسواءِ جمهوريت اڌوري آهي، اجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيندي نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو ته اسان پاڪستان کي بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، اصولن تي ڪنهن به صورت ۾ سوديبازي نه ڪنداسين، عدليا جي بحالي ضروري آهي، وزارت اعظميٰ ۽ وزارتون نه کپن، هٽايل ججن کي مري معاهدي تحت بحال ڪرڻو هو، جنهن کان پ پ ڦري وئي ۽ واعدو نه پاڙيو ويو، هن چيو ته ججن جي بحالي تائين خاموش نه ويهنداسين، پ پ ملڪي صورتحال کي ڏسي ڇڪتاڻ کان پاسو ڪري، هن چيو ته پنجاب حڪومت خلاف سازشون شروع ڪيون ويون آهن.