”قبائلي علائقن ۾حڪومتي رٽ قائم آهي“گهرو صلاحڪار جي بريفنگ

اسلام آباد (اين اين آءِ) گهرو صلاحڪار رحمان ملڪ ڪالهه وزيراعظم  سان ملاقات ڪري کيس صوبي سرحد جي قبائلي علائقن ۽ پشاور جي ڀر وارن علائقن جي صورتحال کان آگاهه ڪيو، گهرو صلاحڪار وزيراعظم کي ٻڌايو ته قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ آپريشن سويلين ادارا ڪري رهيا آهن ۽ ضرورت پوڻ تي فوج به طلب ڪري سگهجي ٿي، هن چيو ته علائقن ۾ حڪومتي عملداري ٻيهر قائم ڪري ورتي آهي، ماڻهن قانون هٿ ۾ کڻندڙ عناصرن جي خلاف ڪاررواين کي ساراهيو آهي، علائقي ۾ امن امان جي بحالي جي لاءِ پنهنجي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي.