آپگهاتي ڌماڪي ۾ سنڌ  هائوس جي سي ايم ۽ گورنر اينڪسي کي به  سخت  نقصان پهتو،  2 ملازم سخت زخمي

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ ميريئٽ هوٽل خودڪش بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ سنڌ هائوس جي سي ايم اينڪسي ۽ گورنر  اينڪسي کي سخت نقصان رسيو آهي. سنڌ هائوس جي ڪنٽرولر امجد  لغاري مطابق خودڪش بم ڌماڪي سبب سنڌ هائوس ۾ به سخت نقصان  ٿيو آهي. هن ٻڌايو ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ سي ايم اينڪسي جا شيشا ڀڄي پيا، جڏهن ته سمورو فرنيڇر تباهه ٿي ويو، جنهن کانسواءِ اينڪسي جي ڇت ۽ واش رومز کي   به نقصان پهتو، اهڙي طرح گورنر اينڪسي کي به سخت نقصان پهتو آهي، جنهن کانسواءِ هائوس جي عمارت جا شيشا  پڻ ڀڄي پيا آهن، ڪنٽرولر مطابق  ڌماڪي سبب شيشا ڀڄي  پوڻ ڪري هائوس جا 2 ملازم صديق ۽ منظور زخمي ٿي پيا آهن،  جنهن کانسواءِ ٻن  وڌيڪ ملازمن کي به زخم رسيا آهن.