|
بجيٽ ۾
تعليم لاءِ جي اين پي جو 4 سيڪڙو رکي استادن جي پگهارن تان
انڪم ٽيڪس ختم ڪري ميڊيڪل مفت ڪيو:ڪاوش فورم
ميزبان:
نياز پنهور، محمد يعقوب سومرو رپورٽنگ ٽيم:ستار سروهي، اي ڊي
ڪابورو
حيدرآباد:
سنڌ ۾ پرائمري اسڪولن ۾ استادن جي وڏي پئماني تي کوٽ آهي،
جنهن سبب فوري طور تي ماسترن جون شفاف نموني ڀرتيون ڪيون
وڃن، استادن جي ڀرتين ۾ سياسي مداخلت ۽ سفارش کي مڪمل طور
تي ختم ڪري تعليم کي صحت کان پوءِ ٻيو نمبر وڏي ترجيح ڏني
وڃي ۽ تعليمي معيار بهتر بڻائڻ لاءِ وڌ کان وڌ بجيٽ رکي وڃي،
پرائمري استادن جا اسڪيل وڌايا وڃن، اهو اظهار ڇنڇر ڏينهن
ڪاوش طرفان تعليم ۽ بجيٽ تجويزن جي عنوان سان ٿيل فورم۾
استادن، ليڪچرارن ۽ پروفيسرن سميت تعليم جي طبقي سان
لاڳاپيل مختلف شخصيتن ڪيو، فورم ۾ اها به گهر ڪئي وئي ته
پرائمري سطح جي تعليم تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏئي حڪومت بند پيل
اسڪول کولرائڻ لاءِ عملي ايڪشن کڻي، سپلا جي باني اڳواڻ لياقت
عزيز چيو آهي ته اسان وٽ رياست تعليم کي Non-productiveسيڪٽر
سمجهي ٿي، گذريل مالي سال ۾ تعليم تي 18 ارب رپيا رکيا
ويا، پاڪستان گڏيل قومن جو ميمبر ملڪ آهي، هتي GNP جو 4
سيڪڙو تعليم لاءِ بجيٽ مقرر ڪئي وڃي، ڪاوش فورم ۾
ڳالهائيندي لياقت عزيز چيو ته گذريل حڪومت جي بادشاهي دور
۾
صدر لاءِ جهاز 57 ڪروڙن ۽ وزير اعظم لاءِ 37 ڪروڙن جو جهاز
رکيو ويو هو، پر موجوده عوامي حڪومت مان اسان کي اميدون آهن،
هن چيو ته بدقسمتي سان تعليمي پاليسي ڪڏهن به پارليامينٽ ۾
بحث هيٺ نه آئي آهي،نه ئي تعليم جي بجيٽ تي ڪڏهن بحث ٿيو آهي،
سيڪريٽريٽ ۾ ڪميشن ڪلچر عروج تي پهتل آهي، ان کي ختم ڪيو،863
ايڊهاڪ ليڪچرارن کي پڪو ڪري بند ڪيل
پگهارون ڏنيون وڃن، هن گهر
ڪئي ته تعليمي پاليسي عوامي امنگن مطابق جوڙي وڃي، سنڌ
يونيورسٽي جي ايجوڪيشن فئڪلٽي جي ڊين ميڊم پروين منشي چيو آهي
ته اسين شرمنده آهيون ته اسان جي تعليم جي شرح انتهائي گهٽ
آهي، ماس لٽريسي (ماڻهن تائين تعيلم ڦهلائڻ) لاءِ ايجوڪيشن
چئنل کوليا وڃن، اڄ سنڌ جي تعليم کي بچائڻ جو وقت آهي،حڪومت
شروعات ڪري اسين هر حيثيت ۾ مدد ڪنداسين، فورم ۾ ڳالهائيندي
پروين منشي چيو ته هڪ مهيني اندر بند پيل اسڪول کولرايا وڃن ۽
صوبي اندر فوري طور ڪو تعليمي چئنل کوليو وڃي، استاد جي تعليم
جي حوالي سان گهرجن کي پورو ڪرڻو پوندو، ڊونرز سان گڏ سرڪاري
فنڊ پاڻ به ڏئي ضلعي سطح تي تعليم جي بهتري لاءِ قدم کنيا
وڃن، هن چيو ته پرائمري ماستر کي پنجين اسڪيل کان 23 اسڪيل
تائين گريڊ ڏنو وڃي ته جيئن توهان جو سٺو پرائمري استاد ڪاليج
يا يونيورسٽي ڏانهن نه ڀڄي، سنڌ يونيورسٽي جو پروفيسر ۽ فپوسا
جي اڳواڻ پروفيسر بدر سومري چيو ته تعليمي ادارن ۾ امن امان
جي صورتحال خراب آهي، يونيورسٽين جا پئسا رڳو پوليس ۽ رينجرز
تي خرچ ٿي وڃن ٿا، سنڌ جا تعليمي ادارا ۽ يونيورسٽيون مافيائن
جي ور چڙهي ويون آهن، فورم ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هر ضلعي ۾
يونيورسٽي ڪئمپس قائم ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته پنجاب ۾ به ائين آهي،
هر ضلعي ۾ قدرتي وسيلن جي کوٽائي ٿئي ٿي، ان ضلعي اندرکوٽائي
ڪندڙ ڪمپنين کي پابند بڻايو وڃي ته ان ضلعي ۾ تعليمي ادارن تي
اهي رقم خرچ ڪن، هن چيو ته آءِ ٽي يونيورسٽي قائم ٿئي ته ان ۾
سنڌ جي ٻهراڙي وارن شهرن کي نظر انداز نه ٿيڻ گهرجي، هن چيو
ته تعليمي ادارن مان رٽائرڊ ماڻهو هٽايا وڃن، ڇاڪاڻ ته اين اي
ڊي يونيورسٽي جو وي سي 85 سالن جو آهي، سنڌ يونيورسٽي جو وي
سي 66 سالن جو آهي، مهراڻ يونيورسٽي جو وي سي 67 سالن جو
آهي، اسان چاهيون ٿاته رٽائرڊ ماڻهن کي هٽائي نوان ماڻهو مقرر
ڪيا وڃن، وي سي هڪ مدي لاءِ ئي هجڻ گهرجي، بدر سومري چيو ته
ڪراچي ۾ ڪنهن دور ۾ 13 سئو سنڌي اسڪول هوندا هئا پر هن وقت
سنڌي اسڪول بند ڪيا پيا وڃن ۽ سنڌين جي تعليمي نسل ڪشي ٿي رهي
آهي، سنڌ يونيورسٽي ۾ آءِ ٽي انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر امداد علي
اسماعيلي چيو آهي ته جيستائين پرائيويٽ ۽ پبلڪ سيڪٽر ۾ هڪ
جهڙو تعليمي نصاب نه هوندو ۽ پڙهائي جو اسٽينڊر برابر نه
هوندو تيستائين بهتري جي اميد ناهي، هن تجويز ڏني ته تعليم جي
نئين پاليسي لاءِ سڌريل ملڪن جي پاليسين مان مدد ورتي وڃي،
مهراڻ يونيورسٽي جي پروفيسر عرفان ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته بجيٽ
جو حال اهو آهي ته لٽريسي لاءِ رکيل بجيٽ کان وڌيڪ هيڪ جي
چيئرمين عطاءُ الرحمان غير ملڪي دورن تي 4 ارب رپيا خرچ ڪيا،
سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي پروفيسر سحر امداد چيو ته ترڪي
جي تعليمي نظام کي فالو ڪيو وڃي، پرائمري استاد جو پگهار
يونيورسٽي جي استاد جي پگهار جي برابر ڪئي وڃي، جن کي پڙهائي
جي صلاحيت ئي نه هجي، انهن کي ڀرتي نه ڪيو وڃي، سٺا ۽ قابل
استاد ڀرتي ڪيا وڃن، هن چيو ته بنگلاديش ۾ استادن کان انڪم
ٽئڪس نه ٿو ورتو وڃي، فورم ۾ وڌيڪ ڳالهائيندي ميڊم سحر امداد
چيو ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ تعليم جي سڌارن ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ
جي ضرورت آهي، سحر امداد تجويز ڏني ته بجيٽ ۾ واڌارو ضرور
ڪيو وڃي، سفارشي ۽ رشوت تي گهٽ ۾ گهٽ ماستر ڀرتي نه ڪيا وڃن
۽ بجيٽ جو استعمال به صحيح نموني ڪيو وڃي، پروفيسرتاج جويو
فورم ۾ تجويز پيش ڪندي چيو ته استادن جي ٽريننگ تعليم کاتي
جي ماتحت ادارن سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۽ بيورو آف ڪريڪيولم
طرفان ماضي وانگر ڪرائي وڃي، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فعال
بڻايا وڃن، ٻاهران ملندڙ فنڊ تعليمدانن معرفت تعليمي ادارن ۾
خرچ ڪيا وڃن، ڪاليج ٽيچرس اڪيڊمي ۾ ڪاليج ٽيچرس فائونڊيشن سي
ٻيهر بحال ڪري ڪاليج ٽيچرس ٽريننگ ۽ ويلفيئر لاءِ ڪم ڪيو
وڃي، پنجاب حڪومت وانگر سنڌ ۾ سنڌ لائبريريز ڊائريڪٽوريٽ
قائم ڪري 19 گريڊ جو ڊائريڪٽر رکيو وڃي، جيڪو سنڌ جي ادبي
ادارن (خانگي توڙي سرڪاري ادارن کان) ڪتاب خريد ڪري تعليمي
ادارن کي مهيا ڪري، گرلز اسڪولن ۽ ڪاليجن کي هر ضلعي ۾ هڪ
گاڏي مهيا ڪئي وڃي جيڪا ٽيچرس کي صبح جو کڻي اچي ۽ موڪل بعد
واپس کڻي وڃي، پروفيسر مهر النساءِ لاڙڪ فورم ۾ ڳالهائيندي
چيو ته هڪ پاسي ٻهراڙين جا اسڪول بند آهن ته ٻئي طرف حيدرآباد
سٽي جي هڪ گرلز پرائمري اسڪول ۾ ڏيڍ سئو شاگردياڻين لاءِ
35 استاد مقرر آهن، جتي هيڊ ماسترياڻي ماسترياڻين کان 35 رپيا
ڏهاڙي وٺي کانئن ڊيوٽي نه ٿي وٺي ۽ اهي گهر ويٺي پگهار کڻن
ٿيون، هن چيو ته استادن لاءِ ٽريننگ ٿيڻ گهرجن پر سيڊا جي هڪ
ٽريننگ ۾ استادن بجاءِ مٽن مائٽن کي ٽريننگ ڏني وئي، هن تجويز
ڏني ته ايندڙ بجيٽ ۾ ڪاليجي استادن تان انڪم ٽيڪس ختم ڪري
ميڊيڪل الائونس ڏنو وڃي، استادن جي ٻارن جي في معاف ڪئي وڃي ۽
زڪوات ۽ عشر جي کاتي ۾ استادن جي ٻارن لاءِ اسڪالر شپ لاءِ رقم
رکي وڃي، پروفيسر عبدالرزاق ڀٽي چيو ته ورهاڱي بعد پاليسي
ٺاهي وئي ته ماڻهو پڙهيل لکيل گهٽ آهن، ان ڪري تعداد وڌيڪ
ڏيو ته اسان معيار بهتر ڏنو، هاڻ جڏهن ته بهتر معيار جي ضرورت
آهي ته اسان تعداد وڌي پيا ڏيون، هن چيو ته استاد پنهنجي
ڊيوٽي ڪيترو ايمانداري سان ڪري ٿو، ماضي ۾ استاد غربت باوجود
سٺي تعليم ڏيندا هئا، هاڻ استادن پنهنجون ضرورتون وڌائي ڇڏيون
آهن، هن چيو ته استاد کي انشورنس پاليسي جا پئسا سندس مرڻ کان
پوءِ ملن ٿا، اهي حياتي ۾ ملڻ گهرجن، پروفيسر يعقوب چانڊيو
چيو ته معاشي حالت ايتري خراب آهي جو 80 سيڪڙو ماڻهو ٻار
پڙهائڻ نه ٿا چاهين، اهي ٻارن کي اسڪول موڪلڻ بجاءِ مزدوري
لاءِ موڪلين ٿا، تعليم لاءِ رکيل بجيٽ اڌ کان وڌيڪ ڪرپشن
جي نظر ٿي وڃي ٿي، ڪجهه خرچ نه ٿي ٿئي ۽ باقي هڪ سيڪڙو
تعليم تي خرچ ٿئي ٿي، اهڙي حالت ۾ تعليم جو معيار بهتر ٿيڻ
جي اميد رکڻ اجائي آهي، هن چيو ته بجيٽ ۾ اهو ڪجهه ڏنو وڃي
جنهن سان غريب طبقي کي فائدو پهچي. ماٽا جي مرڪزي اڳواڻ حسين
بخش خميساڻي انگ اکر پيش ڪندي چيو ته سڄي سنڌ اندر 41 هزار 713
پرائمري اسڪول آهن ۽ سيڪنڊري اسڪولن جو انگ 45 هزار آهي، انهن
مان 11 هزار 982 اسڪول اهڙا آهن جيڪي بنا عمارت جي هلي رهيا
آهن، 12 هزار اسڪولن کي چوديواري ئي ناهي، 26 هزار اسڪولن ۾
پاڻي ئي ناهي ۽ 36 هزار اسڪولن ۾ بجلي ناهي، اهو هڪ وڏو
الميو آهي، خميساڻي چيوته 27 لک 90 هزار 161 ٻارڙا پرائمري ۾
داخل آهن ۽ هاءِ اسڪولن ۾ 2 لک 46 هزار 465 ٻار داخل ٿيل آهن،
هن چيو ته 70 کان 80 سيڪڙو 16 هين گريڊ وارا آفيسر 18 هين
گريڊ جي پوسٽن تي ويٺل آهن، اسين گهر ڪريون ٿا ته اسڪولن ۾ بنا
دير خالي پيل جايون ڀريون وڃن ۽ ان ۾ خدا جي واسطي سياسي
سوديبازي نه ڪئي وڃي، اسان وٽ رڳو ساڍا 7 هزار اسڪول بند
پيل هجڻ جو راڳ آلاپيو وڃي ٿو، انهن کي ڳوليو وڃي، ان لاءِ
سرڪار ڇو ٽائيم فريم نه ٿي ڏئي، استادن جي نمائنده تنظيمن کي
گهرائي حقيقي معاملا بحث هيٺ آندا وڃن، تعليم جي بهتري لاءِ
اسان حڪومت سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، هن چيو ته حڪومت
چوي ٿي ته گوسڙو استاد آهن، جيڪڏهن استاد گوسڙو آهن ته ان جي
نگراني لاءِ مقرر ڪيل 240 سپروائيزر 23 اي ڊي اوز ۽ 23 ڊي ڊي
اوز، وزير ۽ صلاحڪار ڇو ۽ ڇا جي لاءِ آهن؟! هن چيو ته استادن
کي همٿائڻ لاءِ ان کي ننڍڙا ننڍڙا فائدا ۽ مراعتون ڏنيون وڃن،
هن چيو ته پرائمري استاد جا اسڪيل به وڌايا وڃن، پ ٽ الف
اڳواڻ انتظار ڇلگري چيو ته بجيٽ انگ اکرن جو ورجاءُ آهي،
تعليمي سيڪٽر ۾ ملندڙ بجيٽ گهرجن جي پٽاندر ناهي، هن چيو ته
اسان وٽ سيلري پروٽيڪشن آهي پر ايجوڪيشن پروٽيڪشن ناهي، ان کان
وڌيڪ افسوس جي ڳالهه ڪهڙي هوندي ته سنڌ ۾ 47 هزار اسڪولن مان
30 هزار اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم آهن، هن بجيٽ ۾ استادن
کي گهٽ ۾ گهٽ اڳوڻي حڪومت طرفان اعلانيل مراعتون ڏيڻ کي يقيني
بڻايو وڃي ته به کٽيوسين، اسڪول بند هجڻ جي ٻين سبب سان گڏ
هڪ سبب 1995ع کان پوءِ استادن جي ڀرتي نه ٿيڻ آهي، 1995ع ۾
سنڌ ۾ استادن جو انگ هڪ لک 27 هزار هو ۽ 13 سال گذرڻ کان
پوءِ اهو انگ وڌندڙ آبادي جي حساب سان وڌڻ بجاءِ گهٽجي 97
هزار تي پهتو آهي ان ڪري حڪومت کي استادن جي کوٽ پوري ڪرڻ
لاءِ نئين بجيٽ ۾ استادن کي ڀرتي ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته بند
پيل ساڍن 7 هزار اسڪولن مان 5 هزار گرلز اسڪول آهن،
جيستائين استاد جي ورڪنگ ڪنڊيشن بهتر نه ٿيندي تيستائين
تعليمي معيار بهتر نه ٿيندو وفاقي حڪومت تعليم کاتي ۾ جيڪي
مراعتن جا اعلان ڪري ٿي ان تي ٻين صوبن ۾ ته عمل ٿئي ٿو پر
سنڌ ۾ نه ٿو ٿئي، تعليم کاتي ۾ مقرر آفيسرن مان 70 سيڪڙو تي
ڪرپشن جا ڪيس داخل آهن يا مٿن ڊپارٽمينٽل انڪوائريون ٿي
رهيون آهن، انهن۾ بهتري جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي،هن تجويز
ڏني ته 70ع ۾ نور ڪميشن طرفان تعليم لاءِ جوڙيل پاليسي تي
عمل ڪيو وڃي، جيستائين تعليم کي سيڙپڪاري جو درجو نه ملندو،
تيستائين تعليم جو معيار بهتر ٿي نه سگهندو، گسٽا جي صدر
غني ڪنڀر چيو ته سنڌ ۾ ساڍا 7 هزار اسڪول بند پيل آهن جون
ڳالهيون ڪيون وڃن، ٿيون اهو سڀ ڍونگ آهي سرڪار اسڪول نالي تي
پاڻ اوطاقون ٺاهي وڏيرن ۽ سياسي ماڻهن کي ڏنيون ويون آهن
گودام ٺاهيا ويا آهن، جتي مالهي، چوڪيدار۽ نائب قاصد به
رکيا ويا آهن، هن فورم ۾ تجويز ڏيندي چيو ته بند پيل اسڪولن
تي پٽڪو ڪرڻ بدران جيڪي اسڪول فعال آهن انهن تي ڌيان ڏنو
وڃي، هن چيو ته حڪومت کي تعليم جي حوالي سان مستقل پاليسي
جوڙڻي پوندي، ايڊهاڪ ازم ختم ڪيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته
استادن ۽ شاگردن کي بورڊنگ ڏني وڃي، آف ڪئمپس ادارا بند ڪري
استادن کي ريگيولر ادارن مان ٽريننگ ڏياري وڃي، نوجوان ليکڪه
۽ ڪالم نگار انيتا شاهه چيو آهي ته منهنجو ٻين ملڪن ۾
پرائمري تعليم جي آبزرور طور تجربو رهيو آهي آئون اهو
چونديس ته هتي ذميوار ماڻهن کي تعليم جي بجيٽ هٿن ۾ ڏني
وڃي، هن تجويز پيش ڪندي چيو ته بنا سفارش جي ماڻهن کي آندو
وڃي، 4 سيڪڙو تعليم جي بجيٽ رکڻ جي وزير اعظم ڳالهه ڪئي آهي،
بجيٽ اوپن رکي وڃي ته جيئن سڀني کي خبر پوي، هن چيو ته
استادن جي ٽريننگ ٿيڻ تمام ضروري آهي، ڪميونٽي جو رول سمجهڻ
گهرجي، گوسڙو استادن ۽ بوگس اسڪولن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، ان
۾ اين جي اوز اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، اسڪولن ۾
لائبريريون ٺاهڻ گهرجن، بيورو آف ڪرڪيولم جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽
نوجوان ليکڪ ادريس جتوئي فورم ۾ ڳالهائيندي چيو ته تعليم
جي حوالي سان کوڙ مسئلن جو حل اسان پاڻ ڪڍي سگهون ٿا، پنجاب
۽ سرحد جا تعليمي حوالي سان تجربا اسان جي سامهون آهن،
ٻنهي صوبن ۾ تعليم لاءِ الڳ شعبا ۽ ڊائريڪٽوريٽ آهن، هن چيو
ته سنڌ اهو صوبو آهي جنهن سڀ کان پهرين تعليم جي حوالي
سان تحريڪون هلايون، گذريل حڪومت ۾هڪ وفاقي وزير اسان کي
اسلام آباد جي هڪ سيمينار ۾ ٻڌايو ته سرحد حڪومت کي وفاق
لٽريسي لاءِ بجيٽ ڏني آهي پر اها استعمال ناهي ٿي سگهي.
بدقسمتي سان هڪڙين شين لاءِ بجيٽ آهي ئي نه ۽ جنهن لاءِ
بجيٽ آهي ته اها استعمال نه ٿي ٿئي، هن چيو ته ڊونرز جو سنڌي
ماڻهن ڏانهن رويو درست ناهي، ڊونرز ايجنسين کي اهو محسوس
ڪرائڻو پوندو ته اسان مادري زبان کي ڇڏڻ جي شرط تي انگريزي
پڙهڻ لاءِ تيار ناهيون، هن چيوته هائير ايجوڪيشن تي ڀلي
فوڪس ڪيو وڃي پر پرائمري تعليم کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي،
نصاب جهڙي شئي لاءِ اسان وٽ ڪا به بجيٽ ناهي، بنيادي شيون
ٺيڪ ڪرڻ گهرجن، امتحاني سرشتي کي به ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، پ
ٽ الف اڳواڻ رفيق جروار چيو ته سنڌ ۾ تعليم لاءِ جيڪا رقم
رکي وڃي ٿي اها صحيح استعمال نه ٿي ٿئي، وڏي تعداد ۾ ٻهراڙي
جا اسڪول وڏيرن جون اوطاقون بڻيل آهن، بجيٽ جو وڏو حصو فوج،
ايمرجنسي ۽ ٻين شعبن تي خرچ ٿئي ٿو، تعليم کي صحت کان پوءِ
اهميت ڏني وڃي ڇو ته جيستائين ڪرپشن ختم نه ٿيندي تيستائين
تعليم جو نظام درهم برهم رهندو، 18 گريڊ جي پوسٽ تي 16 گريڊ
جو آفيسر مقرر هجي ته سسٽم ڪئين ٺيڪ ٿيندو؟ مسئلا حل ٿيڻ
بدران وڌندا، ماٽا جي مرڪزي اڳواڻ امان الله تيغاڻي چيو ته
تعليم جي تباهي جو ذميوار استاد به آهي، اسان کي به احساس ڪرڻ
گهرجي ڇو ته نظام کي هلائڻ وارائي ان کي بهتر ڪري سگهن ٿا،
جيستائين پرائمري استاد جي مالي پوزيشن بهتر نه هوندي
تيستائين هو ڪيئن بهتر طريقي سان پڙهائي سگهندو، هن چيو ته
اين جي اوز کي اربين رپين جا فنڊ ملن ٿا، جنهن جو ڪو به
نتيجو نه ٿو نڪري، هڪ استاد کي 10-10 ڀيرا ٽريننگ ڪرائي وڃي
ٿي.
|