|

بينظير پريت
گهمرو
زندگي
وڻ تي پکي هئي اوچتو اڏري وئي، اسان کي تڏهن خبر پوندي آهي ته
زندگي ڇا؟ هي اسان جي زندگي آهي، اسان ڪڏهن سوچيو آهي ته جنهن
شيءِ لاءِ اسان جنم ورتو آهي، ڇا اسان زندگي جو اهو مقصد پورو
ڪيو آهي؟ اسان ڪجهه ڪري سگهون ٿا، اسان زندگي کي ڇا ڏنو آهي ۽
زندگي کان ڇا ورتو آهي. هي سڀ سوال اسان ۽ توهان سان وابستا
ٿين ٿا پر هن سوالن جا جواب اڌورا ملندا. ڪٿي ناممڪن ته ڪٿي
ڪجهه پورا ته ڪٿي گمنام هوندا، پر اهي سڀ سوال ڪيئن پورا ٿيندا
هي ڪو وڏو مسئلو نه آهي، ٿورو ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، اسان پاڻ
۾ سچائي ته پيدا ڪريون، پاڻ سان اهو عهد ته ڪريون ته اسان
واقعي ڪجهه ڪرڻ گهرون ٿا، اسان زندگي کي زهر مان ماکي جي مٺي
لار بڻائي سگهون ٿا، رڳو يقين ۽ خود اعتمادي هجي، اسان ڪڏهن
پاڻ کي ڳولڻ جي ڪوشش ئي ناهي ڪئي، جيڪڏهن اهو ڪم اسان سچائي
نيڪ نيتي سان ڪريون ۽ ڪجهه وقت ڪڍي پنهنجو مطالعو ڪريون ته اها
ڳالهه پوري اميد سان چئي سگهجي ٿي ته اسان ضرور سٺا شهري بڻجي
وينداسين، خود شناسي سان، اسان کي جيئڻ جو ڍنگ ملي ويندو، اسين
صرف مايوسي جون ڳالهيون ڪري مظلوم ويچاري ڪري پاڻ کي ۽ ٻين کي
پريشان ڪريون ٿا پر ٿوري همت سان سٺي ذهانت سان پاڻ کي مقبول ۽
ممتاز بڻائڻ لاءِ قدم اڳتي واڌايون. آهي، زندگي سٺي نموني
گذارڻ لاءِ انسان جو محنتي ۽ پراعتماد هجڻ لازمي آهي، اسان جي
هڪڙي غلطي اسان جي زندگي داءُ تي لڳائي سگهي ٿي، جنهن جو ثبوت
تعلقي ڪنگري ۾ ٿيل ڪارنهن جو واقعو پڻ آهي. خبر ناهي ڏوهه ڪنهن
جو هو، اڄ جي اسين هر روز نئين سج جي آجيان ته ڪندا آهيون پر
جڏهن سج اڀرندو آهي ته لاپرواهه بڻجي ويندا آهيون، پرائي کي
پنهنجو بڻائڻ اسان لاءِ ڪو وڏو مسئلو ناهي پر اسين پنهنجن کي
پرايو بڻائي ڇڏيندا آهيون. سٺو پائڻ سٺي کاڌي کائڻ کي زندگي
ناهي چئبو، اسان انسان آهيون، اسان وٽ دماغ آهي، اسان ۾ ۽
جانور ۾ فرق هجڻ گهرجي، سٺي آسائش ضرور ماڻيو پر ان جو اهو
مطلب بلڪل ناهي جو اسان پنهنجي سڃاڻپ گم ڪري ويهي رهون زندگي
جو هڪ مقصد آهي، جنهن مقصد لاءِ رب تعاليٰ اسان کي پيدا ڪيو
آهي، زندگي ۽ موت اسان سان گڏ آهن، واڳيل رهندا، هڪ سڪي جا ٻه
پاسا، صرف رخ تبديل ڪيو ۽ سمجهيو ۽ پنهنجي عزت ٺاهيون، پاڻ کي
اهڙي قابل بڻايو ۽ ڪامياب زندگي گذاريو. زندگي کي هميشه مرڪندي
گذارجي ۽ گهر ۾ دوستاڻو رويو اپنايو، ته جيئن ننڍڙا مسئلا جنم
نه وٺن ۽ مردن جا عورتن تي الزام لڳائڻ بند ٿين.
گهريلو
زندگي ڀڃ ڊاهه جو شڪار ڇو رهي ٿي!
ڪيترن ئي ڳالهين يا سببن جي ڪري طلاق تائين
نوبت اچي وڃي ٿي، جيڪڏهن زال ٽائيم تي ماني نه پچائي ته مڙس ان
تي تشدد ڪرڻ شروع ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ زال ناراض ٿي مائٽن وٽ
وڃي رهندي آهي ۽ پوءِ مڙس ان کي وٺڻ نه ويندو آهي، بلڪه طلاق
نامو ڏياري موڪليندو آهي ۽ مائٽ اهو ڪڏهن به برداشت نه ڪندا ته
اسان جي ڇوڪري مڙس جا دڙڪا يا تشدد برداشت ڪري. اُهي پاڻ به
پنهنجي نياڻي کي مڙس کان طلاق وٺڻ جو چوندا آهن ۽ اهو ئي چوندا
آهن ته اهڙي مڙس وٽ وڃڻ جي ڪابه ضرورت آهي، جنهن وٽ تنهنجي ڪا
عزت ڪونهي. ٻيو اهو ته جيڪڏهن اولاد نٿو ٿئي ته ان جي سبب ڪري
به اڪثر مرد پنهنجين زالن کي طلاق ڏيئي ڇڏيندا آهن ۽ اولاد جي
ڪري ٻي شادي ڪندا آهن يا وري جيڪڏهن طلاق نٿا ڏين ته پوءِ به
زال مڙس کان پاڻ طلاق وٺي ڇڏيندي آهي، ڇو ته زال کان اهو
برداشت نه ٿيندو آهي ته منهنجو مڙس ٻي شادي ڪري ۽ منهنجي مٿان
پهاڄ اچي. ڳوٺن ۾ اڪثر ننڍي هوندي ئي ڇوڪرن ڇوڪرين جي مڱڻي
ڪرائي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ جڏهن ڇوڪرو وڏو ٿيندو آهي ته هُو اتي
شادي ڪرڻ جي لاءِ راضي نه هوندو آهي ته مائٽ ان کي اهو ئي
چوندا آهن ته پٽ تون شادي ڪر نه ته برداري وارا اسان کان ناراض
ٿي ويندا ۽ پوءِ تون جتي چاهين اتان ٻي شادي ڪجان، پوءِ هو
ڇوڪرو مجبوري تحت شادي ڪندو آهي پر ان کي ڇوڪري سان محبت نه
هوندي آهي ۽ هو ان کي سندس حق به نه ڏئي سگهندو آهي ۽ پوءِ
ڪجهه وقت کانپوءِ هو پنهنجي پسند جي ٻي شادي ڪندو آهي پوءِ
جڏهن اها خبر ڳوٺ وارن کي پوندي آهي ته پهرين زال جا مائٽ اهو
چوندا آهن ته اسان جي نياڻي جي هوندي ڇوڪري وڃي ٻي شادي ڪئي
آهي، اسان اهو برداشت نٿا ڪري سگهون، تنهن ڪري اسان جي نياڻي
کي طلاق ڏئي ڇڏيو. اهڙا ئي ٻيا ڪيترائي سبب آهن، جنهن جي ڪري
سماج ۾ طلاق وٺڻ جو لاڙو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي.
|