ڪاوش نازڪ - عورتن تي تشدد  - ليڊ آرٽيڪل

نيلم شيخ

 

خوبصورتي دنيا جي هر شيءِ ۾ موجود آهي، پوءِ اها خوبصورتي اندر جي هجي يا ٻاهرين، هميشه کان هر خوبصورت شيءِ هر ماڻهو جي ڌيان جو مرڪز رهندي آهي، انساني فطرت ۾ آهي ته جيڪا شيءِ ان کي ٻين جي مقابلي ۾ وڌيڪ ملندي آهي ته هو اها شيءِ اڃا به وڌيڪ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هوندو آهي، عام طور تي اهو چيو ويندو آهي ته انسان جي لالچ جي ڪا به انتها ناهي. اهڙي ئي ريت قدرت وارو جڏهن ڪنهن کي وڌيڪ خوبصورتي سان نوازريندو آهي ته هو ان خوبصورتي کي اڃا به وڌيڪ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، تنهن ڪري اهو ئي حال خوبصورت ڇوڪرين جو به آهي، خوبصورت ڇوڪريون هميشه انهي ڪامپليڪس ۾ رهنديون آهن ته اسان اڃا به وڌيڪ خوبصورت نظر اچون. حقيقت ۾ حسن کي وڌيڪ حسين بنائڻ لاءِ ڪنهن به ميڪ اپ جي ضرورت نه هوندي آهي، ان جي باوجود به روزانو عورتون پنهنجي بجيٽ جو وڏو حصو صرف پاڻ کي خوب کان خوبصورت بڻائڻ لاءِ خرچ ڪن ٿيون. خوبصورت ڇوڪريون وڌيڪ خوبصورت ٿيڻ جي ڪوشش ڇو ڪنديون آهن، ان بابت سنڌ يونيورسٽي جي ايم پي اي ڊپارٽمينٽ جي شاگردياڻي فرحانه ٻڌائي ٿي ته ان جا 2-3 مين فيڪٽر آهن، انسان کي هميشه پنهنجي آس پاس جون شيون Attract ڪنديون آهن ۽ اهو ئي مسئلو اسان ڇوڪرين جو به آهي، اسين ڪيترا به خوبصورت ڇو نه هجون ڀلي پوري فيملي ۾ يا وري پنهنجي ڪلاس ۾ ٻين کان وڌيڪ خوبصورت هجون ته به اسان ۾ ٻين کان اڃا به وڌيڪ خوبصورت نظر اچڻ ۽ منفرد انداز ۾ هر دفعي ٻين اڳيان اچڻ جي خواهش هوندي آهي، تنهن ڪري اسان ڇوڪريون هر ٻي ڇوڪري کي ڏسي ڪري ان جي ڪاپي ڪنديون آهيون، جهڙوڪ جيڪڏهن ڪا ڳوٺاڻي ڇوڪري جيڪا خوبصورت به هجي پر اها ڪنهن شهري ڇوڪري کي ڏسي ٿي ته ان جي دل ۾ ان شهري ڇوڪري جهڙا ڪپڙا پائڻ، وار ڪلر ڪرائڻ، انهن وانگر ميڪ اپ ڪرڻ ۽ انهن وانگر پنهنجي چهري جي حفاظت ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪريمون استعمال ڪرڻ جي خواهش پيدا ٿيندي، هو سوچيندي آهي ته جيڪڏهن اها ڇوڪري وار ڪٽرائي ڪو اسٽائيل رکي ٿي ته هو ڪيتري خوبصورت ٿي لڳي ۽ آئون جيڪڏهن هن جهڙو اسٽائل ڪرايان ته مان ته ان کان به وڌيڪ خوبصورت لڳنديس، هڪ فيڪٽر اهو آهي ۽ ٻيو فيڪٽر آهي ته انسان پنهنجي خوبصورتي ڏسي نه سگهندو آهي، ان کي سدائين ڪنهن ٻئي جي خوبصورتي متاثر ڪندي آهي، پوءِ اهو ٻيو ڀلي ان کان گهٽ خوبصورت ڇو نه هجي، اڄڪلهه جي ڇوڪري کي پنهنجو خيال رکڻ ضروري آهي، هو ٻڌائي ٿي ته هاسٽل ۾ به اهڙيون ڪيتريون ئي ڇوڪريون آهن، جيڪي هونئن ته خوبصورت آهن پر وري به هو پنهنجي سهيلين کي ڪا ڪريم يا ڪا ٻي ڪاسميٽڪ جي شيءِ استعمال ڪندي ڏسن ٿيون ته هو به چاهينديون آهن ته اسان به اها ڪريم استعمال ڪيون ته جيئن اسان اڃا به وڌيڪ خوبصورت نظر اچون، ان ڪري اهي گهڻو ڪري پنهنجا پئسا به اهڙين ڪاسميٽڪ خريد ڪرڻ تي خرچ ڪن ٿيون، مرد کي عورت، عورت کي وري مرد گهڻو attract ڪندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪري کي ان جي سهيلي چيو ته تون خوبصورت ٿي لڳين ته هو ان جي ڳالهه تي ايترو يقين نه ڪندي جيترو هو ڪنهن مرد جي ڪيل پنهنجي باري ۾ تعريف تي يقين ڪندي. خوبصورت هجڻ ڪري ڇوڪريون اڪثر پنهنجي تعريف ٻڌڻ جون عادي ٿي وينديون آهن ۽ هو اهو بلڪل ڪونه چاهينديون آهن ته انهن جي سامهون ٻي ڪنهن ڇوڪري جي تعريف ٿئي ۽ اهو به سبب آهي جو هو پنهنجي ان خوبصورتي هوندي به مطمعين نظر نه اينديون آهن، هو هر وقت انهي ڪامپليڪس ۾ هونديون آهن ته مان اڃا به وڌيڪ خوبصورت نظر اچان اڃا به وڌيڪ ماڻهو منهنجي تعريف ڪن، عورت بابت ”چيو وڃي ٿو ته عورت تعريف جي بکي هوندي آهي.“ تنهن ڪري هو هميشه کان ئي اهڙين ڳالهين ۾ الائي حساس هوندي آهي. ان بابت راحيلا ٻڌائي ٿي ته خوبصورتي الله تعاليٰ طرفان ڏنل هڪ تحفو هوندي آهي ۽ خوبصورت شيءِ هر ڪنهن کي پنهنجي طرف Attract ڪندي آهي، اهڙي ئي ريت جيڪڏهن ماڻهو منهنجي تعريف ڪندا آهن ته مون کي دلي خوشي ٿيندي آهي، هو ٻڌائي ٿي ته خوبصورت نظر اچڻ لاءِ فيشن کي فالو ڪرڻو ٿو پوي، جيڪڏهن توهان هميشه هڪ ئي شيءِ ساڳي ڏسندا ته توهان پاڻ به بور ٿي ويندا، تنهن ڪري ئي خوبصورت ڇوڪريون به پنهنجي هڪ ئي اسٽائل ۽ ساڳي تعريف ٻڌي بور ٿي وينديون آهن ۽ اهي چاهينديون آهن ته اسين اڳي کان وڌيڪ خوبصورت نظر اچون، اڄڪلهه ميڊيا جو دور آهي، هر ڏينهن نوان نوان فيشن متعارف پيا ٿين، ان ڪري ڇوڪريون جڏهن ٽي وي تي ڪو نئون هيئر اسٽائل يا ميڪ اپ ڏسنديون آهن ته هو اهڙو ئي پاڻ کي اهڙو Look ڏيڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. خوبصورت ڇوڪريون، ٻين ڇوڪرين کان وڌيڪ پنهنجي خوبصورتي برقرار رکڻ لاءِ به فڪرمند هونديون آهن، تنهن ڪري اهي وڌندڙ عمر کي ڏسي ڪامپليڪس جو شڪار ٿينديون آهن، اهي پاڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏينديون آهن، ته اسان ئي هميشه ماڻهن جي نظرن جو مرڪز رهون، ان ڪري هو وڌيڪ خوبصورت نظر اچڻ لاءِ نت نوان فيشن ۽ ڪيترين ئي ماڊلز توڙي فلمي اداڪارائن جي هيئر اسٽائل، ميڪ اپ ۽ ڊريسز جي ڪاپي به ڪنديون آهن، هو هميشه ئي پاڻ کي uncomfortable محسوس ڪنديون آهن، تنهن ڪري جيترو ٿي سگهندو آهي هو وڌ کان وڌ پاڻ تي پئسو خرچ ڪنديون آهن، ان لاءِ هو مختلف بيوٽي پارلرن تي به وينديون آهن. فيشل، وار ڪلر ڪرائڻ، ڪٽنگ وغيره ۽ بيوٽي پارلر واريون به انهن ڇوڪرين کي وڌيڪ سٺي نظر اچڻ جا صلاح مشورا ڏينديون آهن، هو اڪثر ائين به چونديون آهن ته فيشل ڪرايو ته توهان اڃا به کان وڌيڪ خوبصورت نظر اينديون يا وري  ڪنهن فلمي هيروئن جو حوالو ڏئي ڪري انهن کي پنهنجي ڳالهين ۾ آڻينديون آهن. راحيلا وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته ان حوالي سان اسان جي معاشري ۾ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته گهڻو ڪري مائرون به پنهنجي خوبصورت ڌيئرن کي اڃا به وڌيڪ خوبصورت نظر اچڻ لاءِ مشورا ڏينديون آهن، هو جڏهن ٻاهر ڪنهن ٻئي جي ڌيءَ کي وڌيڪ خوبصورت ڏسنديون آهن ته اهي به پنهنجن ڌيئرن کي يا ان ڇوڪري وانگر يا ان ڇوڪري کان وڌيڪ خوبصورت نظر اچڻ جي لاءِ ڪوششون ڪنديون آهن، هو ٻڌائي ٿي ته مون بليچ جو استعمال پنهنجي چهري تي پنهنجن ڪزنز کي ڏسي ڪري ڪيو ڇو ته اهي بليچ استعمال ڪنديون هيون پر هڪ دفعو بليچ استعمال ڪرڻ ته صحيح لڳو پر جيئن ئي 15 ڏينهن بعد بليچ لٿي ته چهرو وري ساڳيو ٿي ويو ۽ ان ڪري مون کي وري بليچ ڪرڻي پئي، ائين ئي هو ٻڌائي ٿي ته اهي شيون استعمال ڪرڻ سان انهن شين جي عادت ٿي وڃي ٿي، تنهن ڪري خوبصورت هوندي به وڌيڪ خوبصورت نظر اچڻ لاءِ اسان کي ڪيترائي طريقا استعمال ڪرڻا ٿا پون، خوبصورت ڇوڪريون صرف پنهنجي دل ۽ ذهني سڪون لاءِ پنهنجي وس آهر پنهنجي پاڻ کي وڌيڪ خوبصورت بڻائڻ جون ڪوششون ڪنديون آهن، هو ٻڌائي ٿي ته هن جي ڪلاس ۾ 2-3 ڇوڪريون خوبصورت ته آهن پر هو هميشه ساڳئي Look ۾ ساديون ٿي ٿيون اچن، تنهن ڪري هو هر ڪنهن کان الڳ نظر اينديون آهن ۽ ٻيا ماڻهو به انهن تي خاص ڌيان نه ڏيندا آهن، تنهن ڪري ڇوڪرين لاءِ اهو به ضروري آهي ته هو هر دفعي پنهنجي Look ۾ تبديلي آڻين ته جيئن هو معاشري سان گڏ هلي سگهن، اهو به هڪ سبب آهي، جيڪو خوبصورت ڇوڪرين کي وڌيڪ خوبصورت ٿيڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو. قاسم آباد ۾ بيوٽي پارلر هلائيندڙ زوبيا بلوچ ٻڌائي ٿي ته الله تعاليٰ جنهن ماڻهو کي ڪا خوبي يا ڪا شيءِ وڌيڪ ڏئي ٿو ته ان ۾ اها شيءِ وڌيڪ حاصل ڪرڻ جو حرص پيدا ٿئي ٿو. اهڙي ئي ريت خوبصورت ڇوڪرين ۾ به پنهنجو پاڻ کي اڃا به وڌيڪ خوبصورت ڪرڻ لاءِ حرص پيدا ٿيندو آهي، هتي ايندڙ اهڙين ڇوڪرين جو تعداد گهڻو آهي، هو خاص ڪري چهري جي صفائي ۽ ان کي وڌيڪ چمڪدار ڪرڻ لاءِ فيشل ۽ فيس پالش وغيره ڪرائن ٿيون. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته ڪا به خوبصورت ڇوڪري پاڻ کي پرفيڪٽ نه سمجهندي آهي ۽ نه هوندي آهي، جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪري جو چهرو خوبصورت آهي ته اها وارن جي معاملي ۾ فڪرمند هوندي آهي، جيڪڏهن ان ڇوڪري جو چهرو ۽ وار خوبصورت هوندا آهن ته اهي وري پنهنجن هٿن، انهن جي ننهن بابت فڪرمند هونديون آهن، ڪيتريون  ئي ڇوڪريون اهڙيون به آهن، جيڪي اسان جي لحاظ کان ته خوبصورت هونديون آهن پر انهن کي وري پنهنجي انهي خوبصورتي ۾ ڪونه ڪو نقص ضرور نظر ايندو آهي، هو ٻين کي ڏسي ڪري هميشه ئي ڪامپلڪس جو شڪار هونديون آهن. مثال طور ڪنهن ڇوڪري جا وار اسٽيپ ڪٽنگ ۾ آهن ۽ اها ان تي ٺهن پيا ته ٻي خوبصورت ڇوڪري جنهن جا وار ڊگها آهن ۽ اهي ان تي سوٽ به ڪن ٿا پر هو چاهيندي آهي ته مان به ان جهڙا وار ڪٽرايان پوءِ ڀلي اها اسٽيپ ڪٽنگ هن تي سوٽ ڪري يا نه ڪري. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته ماءُ پيءُ جون دادليون ڇوڪريون يا وري مڙسن جون دادليون عورتون مهيني ۾ پاڻ تي 10،000 تائين جو خرچو ڪن ٿيون، ان ۾ هو فيشل، هيئر ڪٽنگ، پيڊي ڪيور، ميني ڪيور، اهي سڀ ٽريٽمنٽ جيڪي اسين هتي ڪريون ٿا، اهي ڪرائينديون آهن، حالانڪه انهن کي اهڙي ٽريٽمنٽ جي ضرورت به نه هوندي آهي پر پوءِ به هو پنهنجي پاڻ کي مطمعين ڪرڻ لاءِ بيوٽي پارلرن ۾ اچن ٿيون. اڪثر ڇوڪريون پاڻ سان گڏ ڪنهن نه ڪنهن فلمي اداڪارا جي تصوير به کڻي اچن ٿيون ته ان جي وارن جو ڪلر يا ڪٽنگ ان ريت ڪريون، خوبصورت ڇوڪرين ۾ اها فطري ڳالهه هوندي آهي ته هو سڀني کان وڌيڪ خوبصورت هوندي به هميشه ئي چاهينديون آهن ته اسان جي چهري جو رنگ اڃا به وڌيڪ فيئر ٿئي. بيوٽي پارلر تي وار ڪٽنگ ڪرائڻ لاءِ آيل خالده ٻڌائي ٿي ته اڄڪلهه ڇوڪرين ڪامپٽيشن هلي رهيو آهي، هر ڇوڪري ٻي ڇوڪري کان وڌيڪ کان وڌيڪ خوبصورت نظر اچڻ چاهي ٿي ۽ خوبصورت ڇوڪرين کي جيڪڏهن ڪنهن ٿورو به چيو ته ”تنهنجو چهرو سٺو نه ٿو لڳي“ ته پوءِ ڀلي ڪنهن اها ڳالهه مذاق ۾ ئي چئي هجي پر هو ان کي الائي سنجيده وٺنديون آهن ۽ پوءِ هو پريشاني ۾ مبتلا ٿي وينديون آهن هو پاڻ کي پروفيڪٽ Look ڏيڻ جي ڪوشش ۾ هونديون آهن، ڪير انهن مان ڪا خامي نه ڪڍي ان ڪوشش ۾ هو هروڀرو پارلرن تي وڃڻ ۽ مهانگي ڪاسميٽڪس خريد ڪرڻ ۾ پئسا ضايع ڪنديون آهن. هو ٻڌائي ٿي ته هڪ دفعو پارلر تي 2 خوبصورت ڇوڪريون ٿريڊنگ ڪرائڻ آيون، حالانڪه انهن کي ٿريڊنگ جي ضرورت به نه هئي هو بغير ٿريڊنگ جي ئي خوبصورت پيون لڳن پر ان هوندي به هو بيوٽي پارلر ۾ آيون. هو ٻڌائي ٿي ته خدا تعاليٰ هر ڪنهن کي سونهن ورهائي ڏني آهي ۽ اها سونهن سادگي ۾ نظر ايندي آهي، جواني هڪ عارضي شيءِ آهي، عمر گذرڻ سان گڏ اها سونهن به هلي ويندي پر اصل شيءِ اندر جي خوبصورتي آهي، جيڪا ماڻهو جي مرڻ کانپوءِ به ٻين ماڻهن تي تمام گهڻو اثر ڪري ٿي. عائشه ٻڌائي ٿي ته خوبصورت ڇوڪريون گهڻو ڪري يا ته مغرور هونديون  آهن يا وري گهڻيون ئي ساديون هونديون آهن. خوبصورت هوندي به ڪيتريون ئي ڇوڪريون سادگي پسند هونديون آهن، انهن ۾ ان ڳالهه بابت ڪو به تڪبر ناهي هوندو ۽ ڪي ڇوڪريون وري خوبصورت هجڻ ڪري مغرور ٿي وينديون آهن، انهن جا والدين ۽ گهر وارا ننڍپڻ ۾ ئي انهن جي خوبصورتي جي تعريف ڪري انهن کي مغرور بڻائي ڇڏيندا آهن، خوبصورت ڇوڪرين ۾ اها سوچ گهڻي هوندي آهي ته هو اها اڃا به وڌيڪ خوبصورت لڳي ۽ اها ڪنهن نه ڪنهن فلمي اداڪارا کي پنهنجو آئيڊيل به ٺاهينديون آهن ۽ پوءِ اها اداڪارا جنهن روپ ۾ ايندي آهي ته اهي به چاهينديون آهن ته اسان به ان وانگر ميڪ اپ، هيئر ڪٽ ۽ ڊريسز استعمال ڪريون ۽ اهي گهڻو ڪري ٽي وي تي ڊراما ان جي اسٽوري جي ڪري نه پر اهي ان ۾ اهو فيشن، ميڪ اپ جي ڪري ڏسنديون آهن، خوبصورت ڇوڪريون چاهينديون آهن ته انهن جي آسپاس واريون ڇوڪريون به ان جي تعريف ڪن، انهن کي ان جي فيورٽ اداڪارا سان ڀيٽ ڪن ۽ اهي ان جي فيشن جي ڪاپي به ڪن، خوبصورت ڇوڪريون جيڪي گهڻو ڪري ٻاهر آئوٽنگ ڪنديون آهن، اهي ئي وڌيڪ کان وڌيڪ خوبصورت نظر اچڻ جو اونو ڪنديون آهن، باقي اهي خوبصورت ڇوڪريون جيڪي گهرن تائين محدود هونديون آهن اهي وڌيڪ خوبصورت ٿيڻ جو چاهه نه رکنديون آهن.