ڪاوش نازڪ - عورتن تي تشدد  - ليڊ آرٽيڪل

تاريخ هن کي هر وقت زنده رکندي

 فرحانه چانڊيو

 

                اڄ هڪ سال گذرڻ باوجود هي منظر منهنجي اکين آڏو آهي ۽ هي درد هي زخم تازو آهي، هن زخم ۾ اڄ به اهو سور آهي، اکيون ۽ دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهيون آهن، نه ڄاڻ هي سلسلو ڪيستائين هلندو، شايد صدين تائين هي درد، هي ڏک، هي ڪاوڙ رهندي.مان پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي هئس، جيئن بجلي آئي مان ٽي وي آن ڪئي، مان روزمره وانگر ڪو ٻيو چئنل ڏسڻ لاءِ رموٽ هٿ ۾ کنيو بيٺي هئس، اوچتو آواز آيو، خبرن وارو چئنل ته ڏيو، محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو آهي، مون کي خبر ناهي ته مان ڪيئن محسوس پئي ڪيو، هن وقت مون وٽ لفظ نه آهن جو مان پنهنجو درد هن قلم ذريعي لکي سگهان، حقيقت اها آهي ته مان ٽي وي ڏسندي رهيس ۽ رات جا 10:30 ٿي ويا، تڏهن به منهنجي دل کي يقين نه پئي آيو! اکيون ڏسي رهيون هيون، ڪن ٻڌي رهيا هئا پر دل هئي جيڪا مڃڻ لاءِ تيار نه هئي، ڪٿي نه ڪٿي منهنجي ذهن اهو قبول ڪري ورتو هو ته ها... ها... ها! اها ئي حقيقت آهي، اها ئي حقيقت آهي پر جڏهن خبر پئي ته محترمه بينظير ڀٽو جو ور آصف علي زرداري ۽ ٻارڙا بلاول، بختاور ۽ آصفه پنهنجي جيجل امڙ جو آخري ديدار ڪري رهيا هئا ته منهنجي من ۾ هڪ ٻيو سوال به اڀرڻ لڳو ته شايد ائين ٿئي جو آصف زرداري پاران اهو بيان جاري ڪيو وڃي ته اها خبر بي بنياد آهي ۽ محترمه بينظير ڀٽو صحيح سلامت آهي پر جڏهن انهن سکر ايئر پورٽ اچڻ جي تياري ڪئي ته ذهن، دل ۽ دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، محترمه بينظير ڀٽو سنڌ جي نياڻي لکين دلين تي حڪومت ڪندڙ ڀٽو خاندان جي نياڻي هيءَ دنيا ڇڏي چڪي آهي، راولپنڊي مان 3 لاش، 3 شهيد، 3 سنڌي ليڊر شهيد، مستقبل انڌڪارو انڌڪار ڪجهه نظر نه اچي رهيو هو، جيئن سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو هجي. پنجاب جو راولپنڊي شهر اسان کان گهڻو ڪجهه کسي چڪو هو پر هاڻي بينظير ڀٽو کانپوءِ سڀ ڪجهه کسجي ويو، پهريان لياقت علي خان کي قتل ڪيو ويو، پوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي، پوءِ هن سنڌ جي مومل، هن سنڌ جي مارئي، هن سنڌ جي سهڻي، نوري نماڻي، اسان جي راڻي، سنڌ جي راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي قتل ڪيو ويو. آئون پنهنجي اندر ئي اندر ۾ روئندي رهيس، پنهنجي دل کي مضبوط رکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، ڏسندي ڏسندي سڄي سنڌ ۾ ڪهرام مچي ويو، محرم مهيني ۾ اڃا ڪجهه ڏينهن هئا پر سڄي سنڌ ۾ ڪربلا جا منظر نظر پئي آيا، سنڌ جي نئين نسل کي محترمه بينظير ڀٽو تي فخر آهي، پنهنجي بابا جي هر خصوصيت بينظير ۾ موجود هئي، ڏسو نه ڪيتريون ئي شيون انهن ۾ هڪ جهڙيون هيون، بهادر پيءُ جي بهادر نياڻي، شينهن پيءُ جي شينهن نياڻي، هوشيار پيءُ جي هوشيار نياڻي، شهيد پيءُ جي شهيد نياڻي. شاهنواز ڀٽو ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو ۾ به پنهنجي بابا جون ئي خصوصيتون هيون، جيڪي انهن کي خانداني ورثي ۾ مليون. هن ڌرتيءَ لاءِ ڀٽو خاندان جيتريون قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪو خاندان نه آهي، جنهن سياست ۾ ايڏيون قربانيون ڏنيون هجن. بينظير ڀٽو صاحبه هڪ تمام وڏي سياسي ليڊر، پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم، اسلامي ملڪن ۾ پهرين حڪمران، هارورڊ ۽ آڪسفورڊ مان پڙهي ۽ اها عورت جيڪا اسٽوڊنٽس يونين جي صدر آڪسفورڊ يونيورسٽي، ايشيا جي واحد عورت، جنهن کي هي اعزاز مليو. سنڌ جي، ايشيا جي سڃاڻپ هئي، بينظير ڀٽو دنيا جي 50 خوبصورت عورتن ۾ پڻ شامل هئي، دنيا جي بهادر ترين عورتن جي لسٽ ۾ هن جو نالو ٻئي نمبر تي هو، هوءَ جيتري عظيم هئي، هي اعزاز  اوترائي گهٽ آهن. سنڌ کي صدا فخر رهندو پنهنجي نياڻي تي، هي انٽرنيشنل ليڊر هئي، وڏي ليڊر هئي. 18 آڪٽوبر تي جڏهن هوءَ 8 سالن جي جلاوطني ختم ڪري پاڪستان جي شهر ڪراچي پهتي ته ڏاڍي خوش ٿي رهي هئي، هو پنهنجي وطن پهتي، هو پنهنجا جذبات نه روڪي سگهي ۽ هن روئي ڏنو ۽ پوءِ عوام جو سمنڊ پنهنجي محبوب ليڊر جي هڪ جهلڪ لاءِ پوئين رات کان انتظار ۾ هو، بينظير صاحبه لاءِ جيڪي سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا هئا، جنهن ٽرڪ ۾ محترمه سوار هئي ان ٽرڪ ۾ هڪ بلٽ پروف شيشو لڳايو ويو پر بينظير صاحبه بهادر هئي، چيائون نه هي عوام جو سمنڊ جيڪو مون کي ڏسڻ لاءِ آيو آهي، مان هتي شيشي ۾ هونديس ته هي عوام جو سمنڊ مون کي ڏسي نه سگهندو، محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ٽرڪ جي ڇت تي عوام جي سمنڊ کي انهن جي محبت جو جواب ڏيڻ لاءِ آئي، ڪجهه دير بعد انهن تي ٻه خودڪش حملا ٿيا ۽ 150 کان وڌيڪ ماڻهن پنهنجي زندگي جي قرباني ڏئي بينظير صاحبه کي بچائي ورتو ۽ هو صحيح سلامت رهي پر هوءَ نه ڊڄندي چونڊ مهم هلائيندي رهي ۽ هڪ ڏينهن اهو آيو جو هو اسان کان وڇڙي وئي. راولپنڊي جو اهو جلسو ڪاميابي سان ختم ٿيو، هو ڏاڍي خوش هئي ۽ ايڏي سهڻي پئي نظر آئي جو مان محترمه کي بار بار ڏسي ورجائيندي رهيس ته هو ڪا پري هئي ديوي، خدا جي موڪليل فرشتن وانگر ايڏي سهڻي جو ڪو انسان ايڏو سهڻو نٿو ٿي سگهي، هوءَ پري هئي..... محترمه بينظير صاحبه ايڏي ته خوش هئي، جنهن جو لفظن ۾ اظهار نٿو ڪري سگهجي، جلسو ختم ٿيو ۽ پاڻ گاڏي ۾ ويٺي پوءِ عوام جو هجوم گڏ ٿيو ته انهن جي نعرن ۽ عوام جي محبت جو جواب ڏيڻ لاءِ هوءَ گاڏيءَ جي ڇت مان ٻاهر آئي ۽ هٿ لوڏي جواب ڏنائون ته هڪ ماڻهو جيڪو بار بار گاڏي جي مٿان چڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ان فائر ڪيا ۽ هڪ ٻئي شخص گاڏي جي سامهون پاڻ کي ڌماڪيدار مادي سان اڏائي ڇڏيو ۽ اسان سان، سنڌ سان، ڀٽو خاندان سان ناحق ٿي ويو، هو بهادر هئي، عوام جي ڪري ان پنهنجي جان ڏئي ڇڏي ڀٽو خاندان جي هر فرد سان ماڻهن کي ڏاڍي محبت آهي. اڪبر خان بگٽي کانپوءِ بلوچستان جي حالت تمام خراب هئي، ڪوبه ليڊر بلوچستان نه ويو هو پر بينظير ڀٽو صاحبه وئي، جڏهن ته پنهنجي پارٽي جي ميمبرن ۽ ليڊرن کيس جهليو ته نه وڃو، حالتون خراب آهن ته سندس جا لفظ هئا ”مان جان جي خوف کان بلوچستان کي اڪيلو ڇڏي ڏيان نه، مان وينديس.“ ۽ پاڪستان اچڻ کان اڳ به انهن کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ملي چڪيون هيون پر انهن جا ئي لفظ هئا ته ”ڪجهه به ٿي وڃي، آئون پاڪستان اينديس، مان عوام سان واعدو ڪيو آهي، مان پاڪستان اينديس، ڪجهه به ٿي وڃي.“ بينظير ڀٽو عوام لاءِ اڄ به زندهه آهي، هوءَ امر آهي، ڀٽو صاحب ۽ محترمه بينظير ڀٽو تاريخ جا اهي ماڻهو آهن جيڪي ڪڏهن نه مرڻا آهن، ڪڏهن نه ختم ٿيڻا آهن، هو امر آهن، سدائين جي لاءِ...