شهيدن جي وچن جي تڪميل ئي پ پ پ جو مشن آهي

 شازيه مري

 اڄ پاڪستان کي جيڪي مسئلا درپيش آهن، انهن جي تلخ حقيقت کان ڪير به انڪار ڪري نٿو سگهي، شديد غربت، بيروزگاري، امن امان جي صورتحال، غير ملڪي سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي ۽ ٻيا بنيادي مسئلا ئي اهي ڪارڻ هئا، جن جي ڪري شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي حياتي کي خطري جي ڄاڻ هئڻ باوجود غير جمهوري قوتن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ وطن پهتي،هن کي خبر هئي ته ملڪ ۽ عوام کي سندس ساٿ ۽ قيادت جي سخت ضرورت آهي.

”اسان هڪ اهڙو معاشرو تعمير ڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن ۾ لالچ ۽ خودپرستي جي رجحانن کي معاشرتي  ڀلائي ذريعي تبديل ڪيو وڃي“، اهي لفظ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا هئا ۽ انهن کي نظر ۾ رکندي سندس عظيم نياڻي پنهنجي مشن جي شروعات ڪئي، اهي معاشري جي ڀلائي لاءِ ئي لفظ هئا، جيڪي سندس ترجيحن ۾ رهيا، اسان جي شهيد قائد اسان جي لاءِ هڪ وچن ڇڏيو آهي، جيڪو هن پنهنجي قوم سان ڪيو ۽ اسان کي اهو وچن کڻي جيئڻو ۽ اڳتي وڌڻو آهي، سندس اهي لفظ به اسان جي دلين ۽ ذهنن ۾ گونجي رهيا آهن ته ”گهري رهيو آهي هر انسان،روٽي ڪپڙا اور مڪان“.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي منشور ۾ شامل آهي ته هڪ جامع ۽ مڪمل منصوبو تيار ڪيو وڃي،جنهن جي لاڳو ٿيڻ سان گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن گهراڻن کي پنهنجو ذاتي گهر حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي، ان منصوبي تحت سرڪاري شهري زمينن جي الاٽمينٽ، علائقائي تبديلين ۽ ان علائقي جي نالي ضبطگي ۽ نيلام جي قانونن ۾ تبديلي به شامل آهي، جڏهن ته ان ۾ ڊگهي مدي وارا قرض ۽ مستحڪم ۽ پائيدار بنيادن تي خانگي ۽ سرڪاري ڀائيواري سان اهڙن ادارن جو قيام به عمل ۾ آڻڻ شامل آهي، جيڪي عوام لاءِ پنهنجي گهر واري خواب کي حقيقت بڻائي سگهن.

شهيد محترمه جي پنهنجي عوام سان اهڙي خلوص ۽ جذبي جي تڪميل ۽ خوابن کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت گهٽ آمدني واري هر شخص کي گهر مهيا ڪرڻ پنهنجي ترجيحن جو حصو بڻايو آهي، حڪومت گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پنهنجي ڇت مهيا ڪرڻ لاءِ منصوبن جي شروعات ڪري چڪي آهي، جيڪو سندن حق پڻ آهي. ايس ايل جي او 2001ع ۾ اربن ۽ رورل دائره اختيار جي حوالي سان جيڪي مونجهارا آهن، انهن کي به حل ڪيو  پيو وڃي. ان مقصد لاءِ سنڌ جي روينيو واري صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ وڏي عرصي کان غير فعال ڳوٺ آباد هائوسنگ اسڪيم ۾ ڪجهه ترميمن ذريعي ان کي فعال بڻائڻ آهي، ان سان گڏوگڏ پهريون ڀيرو ماڻهن کي سندن رهائش جا مالڪاڻا حق سنڌ ڳوٺ آباد هائوسنگ اسڪيم تحت ڏنا پيا وڃن ۽ ان ملڪيت کي اهي ماڻهو قرضن جي لاءِ ضمانت طور پڻ استعمال ڪري سگهن ٿا، ائين به پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته ڪچين آبادين جي مسئلن کي اهميت ڏني پئي وڃي ۽ ان مقصد لاءِ هن کاتي جي صوبائي وزير رفيق انجنيئر ڪچين آبادين کي مستقل ڪرڻ ۽ هر بي گهر کي گهر ڏيڻ لاءِ موجوده حڪومت جي مشن جي تڪميل لاءِ ڏينهن رات ڪوششون وٺي رهيو آهي.

ڪجهه ماڻهو آئين تحت پاڪستان جي شهرين کي هڪ صوبي کان ٻي صوبي طرف لڏ پلاڻ ڪرڻ واري حاصل ٿيل حق تي تنقيد ڪري رهيا آهن، پر اهي ان ڳالهه کي به ڏسن ته فيڊرل ليجسليٽو لسٽ جي چوٿين شيڊيول جي حصي نمبر ون تحت لڏ پلاڻ جي حوالي سان قانون بڻائڻ لازم آهن، ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته پاڪستان جي عوام کي درپيش مسئلن جو حل 1973ع جي آئين جي مڪمل بحالي ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ آهي ۽ ان مقصد لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جدوجهد ڪري رهي آهي. انهن قدمن سان گڏ هڪ بيمثال ڪاوش ذريعي گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ هائوسنگ کي ڌار کاتو قرار ڏنو ويو آهي ۽ اهو کاتو صوبائي وزير حاجي مظفر علي شجره جي حوالي ڪيو ويو آهي. ان سان عوام کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ حڪومت جي عزم جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته گهٽ آمدني وارن غريب ماڻهن کي گهر مهيا ڪرڻ لاءِ ڪراچي، بدين ۽ ٺٽي ضلعن جي ساحلي علائقن ۾ 500 گهر تعمير ڪرڻ جي منصوبي جي منظوري ڏني وئي آهي. وزيراعليٰ سنڌ جي خاص هدايت تحت انهن گهرن جي تعمير ۾ منصوبا بندي ۽ رهندڙ ماڻهن لاءِ حفاظتي اپائن جو خيال رکيو ويو آهي ۽ گهرن جي تعمير ۾ ڪم جي معيار جي حوالي سان ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هڪ جمهوري حڪومت جو سڀ کان وڏو ڪارنامو تنقيد جي آزادي ڏيڻ هوندو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جمهوري سوچ ۽ قدرن جي علامت آهي ۽ تعميري ۽ اصلاحي خيالن ۽ مشورن کي خوش آمديد چوي ٿي، ڪٽر تنقيد نگار به ان ڳالهه کان انڪار ڪري نٿا سگهن ته اسان ضرورتمندن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ عوام جي ڀلائي ۽  بهتري چاهيون ٿا ۽  پاڪستان جي تاريخ ان ڳالهه جي شاهدي ڏي ٿي.

شهيد محترمه بينظير ڀٽو فرمايو آهي ته”قيادت نالو آهي، ارادن جي پختگي، مخالفت جو مقابلو ڪرڻ جي قابليت ۽ پنهنجي نظريي کي فروغ ڏيڻ جي صلاحيت جو“ ۽ موجوده قيادت ۾ اهي ٽئي خوبيون اعليٰ پيماني تي موجود آهن ۽ اها حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي.