|
تيل ۽ گئس جي ذخيرن ۾ شاهوڪار سنڌ کي ڪيترو حصو ملي ٿو؟ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو
سرڪاري انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن وقت پاڪستان جي چئني صوبن مان گئس ۽ تيل جي حوالي سان سنڌ TOP ٿي ڪري. جيتري قدر تيل جي ذخيرن جو تعلق آهي ته 2006ع تائين جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ خام تيل جا ڪل 139 ذخيرا موجود آهن، جن مان سڀ کان وڌيڪ ذخيرا يعني 112 ذخيرا سنڌ ۾ موجود آهن. پنجاب ۾ تيل جي ذخيرن جو تعداد 23، سرحد صوبي ۾ 3 ۽ بلوچستان ۾ هڪ آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته پاڪستان ۾ تيل جي ڪل ذخيرن مان 80 سيڪڙو ذخيرا سنڌ ۾ آهن. پر ڇا تيل جي انهن سڀني ذخيرن مان پيداوار حاصل ڪئي پئي وڃي؟ ائين هرگز نه آهي. تيل جي جن ذخيرن مان پيداوار حاصل ٿي رهي آهي، انهن کي ”پيداواري ذخيرا“ چيو وڃي ٿو. هاڻي اچو ته پاڪستان ۾ تيل جي پيداواري ذخيرن جوجائزو وٺون. پاڪستان جي 139 تيل جي ذخيرن مان 123 تيل جا ذخيرا پيداواري ذخيرا آهن. انهن پيداواري ذخيرن مان پڻ ذخيرن جي اڪثريت سنڌ ۾ آهي. مثال طور سنڌ ۾ تيل جي ڪل پيداواري ذخيرن جو تعداد 69 آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ 23، سرحد ۾ 3 ۽ بلوچستان ۾ تيل جو هڪ ذخيرو پيداوار ڏئي رهيو آهي. ان مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته پاڪستان جي تيل جي پيداوار ڏيندڙ ذخيرن مان 56 سيڪڙو ذخيرا سنڌ ۾ آهن. هاڻي اچو ته انهن پيداواري ذخيرن جي سالياني پيداوار جو جائزو وٺون. پاڪستان جي تيل جي ٽوٽل 123 پيداواري ذخيرن مان ساليانو 23,935,630 يو ايس بيرل پيداوار حاصل ڪئي وڃي ٿي. ان پيداوار مان سنڌ جي 69 تيل جي ذخيرن جي سالياني پيداوار جو ڪاٿو 13,299,290 يو ايس بيرل آهي. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته پاڪستان جي ٽوٽل تيل جي پيداوار مان 55.6 سيڪڙو پيداوار سنڌ مان حاصل ٿئي ٿي، جڏهن ته پنجاب صوبي مان 39 سيڪڙو ۽ سرحد صوبي مان 5.3 سيڪڙو تيل حاصل ٿئي ٿو. ان جو مطلب اهو به ٿيو ته جيڪڏهن ٽنهي صوبن جي پيداوار کي گڏائجي ته به اها سنڌ جي تيل جي پيداوار کان گهٽ آهي. پاڪستان جي تيل جي ذخيرن ۽ انهن جي پيداوار جا وچور هيٺ ڏجن ٿا. هاڻي اچو ته تيل سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ گئس جي ذخيرن جو جائزو وٺون. پاڪستان ۾ هن وقت گئس جا 140 ذخيرا موجود آهن، جن مان سڀني ذخيرن مان گئس حاصل ڪيو پيو وڃي. پاڪستان ۾ گئس جا ٻن قسمن جا ذخيرا موجود آهن، دنيا جي ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۾ نيشنل ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون تيل ۽ گئس جي ڳولا گڏيل نموني ڪنديون آهن. انهيءَ دوران ڪڏهن ڪڏهن تيل جا نج ذخيرا ملندا آهن ته ڪڏهن وري تيل جي ذخيرن سان گڏ گئس جا ذخيرا به ملندا آهن، تيل جي نج ذخيرن کي ”نان ايسوسيئيٽڊ ذخيرا“ چيو وڃي ٿو، جڏهن ته جيڪي ذخيرا تيل ۽ گئس جا گڏيل هوندا آهن، انهن کي ”ايسوسيئيٽيڊ ذخيرا“ چيو وڃي ٿو. پاڪستان جي ڪل 140 گئس جي ذخيرن مان 100 ذخيرا نج گئس جا يعني نان ايسوسيئيٽڊ ذخيرا آهن، جڏهن ته 40 ايسوسيئيٽيڊ يعني تيل ۽ گئس جا گڏيل ذخيرا آهن. جيڪڏهن گئس جي ڪل ذخيرن جو صوبائي سطح تي جائزو وٺبو ته اها حقيقت سامهون ايندي ته پاڪستان جي ڪل 140 گئس جي ذخيرن مان 107 ذخيرا سنڌ ۾ آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ 22، سرحد ۾ 4 ۽ بلوچستان ۾ گئس جا 7 ذخيرا موجود آهن. ان جو مطلب اهو ٿيو ته پاڪستان جي گئس جي ذخيرن مان 76 سيڪڙو ذخيرا سنڌ ۾ آهن. هاڻ جيڪڏهن انهن ذخيرن جي سالياني پيداوار جو جائزو وٺنداسين ته اها حقيقت سامهون ايندي ته پاڪستان ۾ گئس جي ڪل سالياني پيداوار 14,00,025 ملين ٽي سي ايف آهي، جنهن مان سنڌ جي ڪل پيداوار 9,82,035 ملين ٽي سي ايف آهي. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته پاڪستان جي گئس جي ڪل پيداوار جو 70.1 سيڪڙو سنڌ مان حاصل ٿئي ٿو، جڏهن ته پنجاب مان صرف 4.8 سيڪڙو، سرحد مان 1.5 سيڪڙو ۽ بلوچستان مان 23.6 سيڪڙو گئس حاصل ڪئي پئي وڃي. ان مان اها حقيقت به سامهون اچي رهي آهي ته گئس جي حوالي سان به پاڪستان جي ٻين ٽنهي صوبن جي گڏيل پيداوار سنڌ کان تمام گهٽ آهي. پاڪستان مان گئس جي ذخيرن ۽ پيداوار جو وچور هن ريت آهي: انهن انگن اکرن کانپوءِ هي ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته جيڪي به نيشنل ياملٽي نيشنل ڪمپنيون تيل ۽ گئس جي کوٽائي ۽ پيداوار حاصل ڪرڻ جو ڪم ڪرڻ گهرنديون آهن، انهن کي باضابطه طور تي پيٽروليم ۽قدرتي وسيلن جي وفاقي وزارت سان تحريري معاهدو ڪرڻو پوندو آهي، جنهن کي”پيٽروليم ڪنسيشن ايگريمينٽ“ چيو ويندو آهي. ان معاهدي ۾انهن ڪمپنين کي تحريري طور تي پابند ڪيو ويندو آهي ته اهي ڪمپنيون پنهنجي نفعي مان انهن علائقن ۾ ڀرپور ترقياتي ڪم ڪرائينديون، جن علائقن مان تيل ۽ گئس نڪري. ان علائقي جي فلاح ۽ بهبود لاءِ اهي ڪمپنيون پنهنجو ڪردار اداڪنديون ۽ ان علائقي جي بيروزگار ماڻهن کي نوڪرين ۽ ملازمتن ۾ اوليت ڏينديون وغيره وغيره. هن وقت سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جي حوالي سان OGDC, PPL, OPI, BP, BHP, ANI, OMV ۽ PETRONAS وغيره نالي ڪمپنيون تيل ۽ گئس جي ڳولا ۽ پيداوار حاصل ڪرڻ ۾ رڌل آهن. دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اهڙي قسم جون ڪمپنيون سرڪار سان ڪيل معاهدن تي 100 سيڪڙو عمل ڪنديون آهن، پر افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ ۽ خاص طور تي اسان جي سنڌ ۾ اهڙي قسم جون ڪمپنيون معاهدن جي ڪا به پرواهه نه ٿيون ڪن، نه وري انهن علائقن ۾ ڪو قابلِ ذڪر ترقياتي ڪم ٿو ٿئي ۽ نه ئي وري مقامي ماڻهن کي روزگار ۾ اوليت ٿي ملي. مون کي افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته انهن ڪمپنين جا ڪرتا ڌرتا غير مقامي ماڻهو مسجدن جا پيش امام به ٻين صوبن مان وٺي ٿا اچن. ڄڻ ته سنڌ وارن کي نه بانگ ڏيڻ ٿي اچي ۽ نه ئي وري نماز پڙهائڻ. پيٽروليم ڪنسيشن ايگريمينٽ تحت انهن ڪمپنين تي اهو لازم آهي ته اهي پيداوار شروع ٿيڻ وقت پنج لک آمريڪي ڊالر، پيداوار ٽيهه سيڪڙو پهچڻ جي صورت ۾ ڏهه لک آمريڪي ڊالر، پيداوار سٺ سيڪڙو پهچڻ جي صورت ۾ پندرنهن لک آمريڪي ڊالر، پيداوار اسي سيڪڙو تائين پهچڻ جي صورت ۾ ٽيهه لک آمريڪي ڊالر ۽ پيداوار سئو سيڪڙو ٿيڻ جي صورت ۾ پنجاهه لک آمريڪي ڊالر (پاڪستاني رپين ۾ حساب ڪري) بونس جي طور تي هر سال وفاقي حڪومت جي صدر پاڪستان جي کاتي ۾ جمع ڪرائينديون، جيڪي پيسا انهن علائقن جي ترقيءَ تي خرچ ڪيا ويندا، جتان تيل ۽ گئس نڪري ٿو. منهنجي معلومات مطابق سنڌ اندر ڪم ڪندڙ اهڙي قسم جي نيشنل ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين هن وقت تائين اربين رپيا صدر پاڪستان جي کاتي ۾ جمع ڪرايا آهن، پر افسوس جو انهن ڏوڪڙن مان هن وقت تائين واسطيدار علائقن ۾ ڪو به ڪم ناهي ٿيو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته موجوده حڪومت انهن ڏوڪڙن جي جاچ ڪرائي ۽ قوم کي ٻڌائي ته اهي ڏوڪڙ ڪيڏانهن ويا؟ سنڌ تيل ۽ گئس جي پيداوار جي حوالي سان پاڪستان جو انتهائي ذرخيز صوبو آهي. سنڌ ۾ تيل جي پيداوار 1976ع ۾ ضلعي بدين جي تعلقي گولاڙچي (شهيد فاضل راهو) مان شروع ٿي هئي ۽ هن وقت الحمد الله بدين کان علاوه ڪشمور، گهوٽڪي، خيرپور، دادو، ٺٽو، سانگهڙ ۽ ڄامشوري سميت سنڌ جي 12 ضلعن مان تيل ۽ گئس جي پيداوار حاصل ٿي رهي آهي. دنيا جي جن به علائقن مان تيل ۽ گئس جي پيداوار حاصل ٿي آهي، اهي علائقا دنيا جا خوشحال ترين علائقا سمجهيا وڃن ٿا، پر افسوس جو تيل ۽ گئس جي زبردست ذخيرن جي باوجود اسان جي سٻاجهڙي سنڌ سورن ۾ آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي، جو حڪمران اسان سان ٿيل زيادتين جو اسان کي حساب ڏين ۽ تيل ۽ گئس حاصل ڪندڙ نيشنل ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين کان به اسان کي حساب وٺي ڏين. قانون ۽ معاهدن جي مطابق اسان کي حق ملڻ کپي، سڄي سنڌ ۾ ۽ خاص ڪري واسطيدار ضلعن ۾ ترجيحي بنيادن تي ترقياتي ڪم ٿيڻ گهرجن ۽ سنڌ جي سڀني آئل فيلڊز ۽ گئس فيلڊز ۾ مقامي ماڻهن کي ملازمتون ملڻ گهرجن ۽ سنڌ جي تيل ۽ گئس جي ڪمائي سنڌ تي خرچ ٿيڻ گهرجي. |