مشرف ڪٿي ٿو پکڙا اڏي؟

سهيل ميمڻ

 

  هن وقت ملڪ  ۽ خاص طور تي اسلام آباد ۾ اهو سوال گردش ڪري رهيوآهي ته جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف هاڻي ڪيڏانهن ويندو ۽ ڪٿي رهندو؟ ذريعن موجب ڪالهوڪو ڏينهن حڪمران اتحاد پاران پارليامينٽ ۾ مشرف جي بحيثيت صدر آڏي پڇا جي ڏينهن طور مقرر هو، پر هاڻي سومر ڏينهن سندس استعيفيٰ جي صورت ۾ ڪالهوڪي قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ جتي صدر مشرف جي دفاع ۾ ق ليگ جي هڪ ٻن اڳواڻن محتاط انداز ۾ ڳالهايو، اتي حڪومتي ڌر خاص ڪري نواز شريف جي پارٽيءَ وارن، فاٽا وارن ۽ ڪجهه اي اين پي وارن جارحاڻيون تقريرون ڪيون ۽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف تي آئين ٽوڙڻ ۽ ملڪ کي تباهيءَ تائين پهچائڻ جا الزام هڻي کيس ڪنهن عمر قيد ڏ، ته ڪنهن وري ڦاسي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. ٿورن لفظن ۾ ائين چئجي ته قومي اسيمبليءَ ۾ اڪثريت پاران  اڳوڻي صدر مشرف کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ته غلط نه ٿيندو. هڪ پاسي اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي سزا ڏيڻ جا مطالبا ڪيا پيا وڃن ته ٻئي پاسي وري اسلام آباد ۾ مشرف جي نئين گهر جي باري ۾ سوال گردش ڪري رهيا آهن.

                ان سلسلي ۾ چار ڳالهيون سامهون آيل آهن، پهرين اها ته هو سعودي عرب حڪومت پاران موجوده حڪومت سان ڪرايل معاهدي هيٺ سعودي عرب وڃي رهندو ۽ ان سلسلي ۾ سعودي حڪومت انتظام ڪري ورتا آهن. ان اسڪيم کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ مشرف، ستت ئي عمروڪرڻ بهاني سعودي عرب اسهندو ۽ پوءِ شايد ئي واپس اچي.ٻي ڳالهه مارڪيٽ ۾ اها هلي رهي آهي ته، هو آمريڪا وڃي رهندو. جيتوڻيڪ آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ کيس آمريڪا جي اميگريشن قانون تحت درخواست فارم ڀرڻو پوندو، جيڪو آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ سياسي پناهه جي درخواست آهي، ان درخواست فارم ۾ شامل سوالن مان هڪ جو جواب ڏيندي کيس ثابت ڪرڻو پوندو ته، سندس ۽ سندس خاندان جي زندگي کي پاڪستان ۾ خطرو آهي، ان لاءِ کيس سياسي پناهه ڏئي آمريڪا ۾ رهڻ ڏنو وڃي. آمريڪي اميگريشن ڊپارٽمينٽ اهو درخواست قبول ڪندو ته کيس آمريڪا ۾ پهريان ٿوري عرصي لاءِ رهائش، ڪجهه سالن بعد گرين ڪارڊ ۽ وڌيڪ پنج سالن کانپوءِ هن کي آمريڪي شهريت ملي سگهندي. جي مشرف ائين ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته، هو سعودي عرب ۾ عمرو ڪري، ڪجهه عرصو اتي رهڻ بعد آمريڪا وڃي سگهي ٿو، پر آمريڪا ۾ به سندس سيڪيورٽي جو مسئلو ٿي سگهي ٿو. سعودي عرب ۾ ممڪن آهي ته سرڪاري شهزادن يا وزيرن واري سخت سيڪيورٽي واري بائونڊري وال ۾ ڪو بنگلو کيس رهائش لاءِ ڏنو وڃي، پر آمريڪا ۾ ائين ممڪن ناهي، اتي کيس سڀ انتظام پاڻ کي ڪرڻا پوندا. آمريڪي حڪومت ان جي ذميوار ناهي ۽ آمريڪا ۾ مشرف پنهنجا ست، اٺ گارڊ هميشه لاءِ رکي اهو تقريبن ناممڪن عمل ۽ ساليانو ڪروڙين رپين جو جوکم آهي. ٽئين آپشن طور مشرف جي متوقع رهائش طور ترڪي جو نالو ورتو پيو وڃي، مشرف جو ننڍپڻ پڻ ترڪيءَ ۾ گذريو آهي، کيس ترڪي زبان به ايندي آهي، ايستائين جو مشرف کي اردو لکڻ ۽ پڙهڻ اچي ئي ڪو نه، هو جيڪي اردو ۾ تقريرون پڙهندو رهيو آهي، اهي به کيس رومن اردو يعني انگريزي اکرن ۾ اردو ۾ لکي ڏنيون وينديون هيون، ڇاڪاڻ ته ترڪيءَ جي طرز حڪومت کان تمام گهڻو متاثر آهي ۽ پاڪستان کي ترڪي جي طرز ملڪ بنائڻ پئي چاهيائين. ترڪيءَ۾ به کيس سيڪيورٽي جو مسئلو درپيش ايندو ترڪ حڪومت کيس تمام گهڻي سيڪيورٽي مهيا ڪري اهو ڏکيو عمل آهي.

                چوٿين ۽ آخري آپشن طور اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته هو پاڪستان ۾ ئي رهندو، تمام گهڻي سيڪيورٽي جيڪا کيس بحيثيت صدر جي حاصل هئي، ان جهڙي سيڪيورٽي کانسواءِ مشرف جو هن ملڪ ۾ ته رهڻ ممڪن ئي ناهي. جڏهن هو سخت سيڪيورٽي ۾ هلندو هو تڏهن به گهڻا ئي ڀيرا مٿس حملا ٿيندا رهيا. پاڪستان ۾ سندس رهائشگاهه اسلام آباد ويجهو چڪ شهزاد ۾ سندس تقريبن مڪمل ٿي ويل فارم هائوس آهي، ملڪ جي وڏن ماڻهن جا فارم هائوس ان ئي علائقي ۾ آهن، جتي مشرف جو فارم هائوس ٺهي راس ٿيو آهي. راول ڊيم سان لڳو لڳ ان علائقي ۾ پرويز مشرف 15 ايڪڙ زمين خريد ڪئي هئي، نستر خاندان جيڪو ان علائقي ۾ ڪيترن ئي فارم هائوسز جو مالڪ آهي، ان کان مشرف اهو فارم هائوس خريد ڪيو هو. نستر خاندان جي غالب نستر جيڪو خوشحالي بينڪ جو اڳوڻو چيئرمين آهي، ان جو پلاٽ نمبر هڪ ۽ پلاٽ نمبر ٻه وارا فارم هائوس آهن، انهن مان پارڪ روڊ واري پلاٽ نمبر هڪ جو هڪ حصو رٽائرڊ جنرل مشرف خريد ڪيو هو، مشرف جيئن ئي اهو پلاٽ خريد ڪيو ته سرڪاري خرچ سان سي ڊي پاران مري روڊ کان چڪ شهزاد جو پڪو ڪارپيٽيڊ روڊ ٺاهيو ويو. رڳو رٽائرڊ جنرل مشرف ئي نه پر آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف جنرل رحمان ۽ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز پڻ  ان علائقي ۾ هڪ فارم هائوس خريد ڪيو، اصل ۾ زرعي زمين طور استعمال واري ان زمين تي ملڪ جي وڏن ماڻهن محل تعمير ڪيا آهن. معزول چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ان تي سو موٽو ايڪشن به کنيو هو ته، زرعي زمين ۽ ڪڪڙين جي فارمن لاءِ مخصوص ڪيل زمين تي سرڪار جا طاقتور ماڻهو محل تعمير ڪري رهيا آهن. جنهن مهل 3 نومبر وارو عدالتي معاملو ٿيو ته ان وقت اهو ڪيس به سپريم ڪورٽ ۾ هو، پر پوءِ واري عدالت ان ڪيس جو فيصلو انهن بااثر ماڻهن جي حق ۾ ڏئي ڇڏيو.بهرحال چڪ شهزاد ۾ صدر مشرف جو رهڻ ان لاءِ ناممڪن ٿو ڏسجي جو کيس سندس منشا واري سيڪيورٽي ملڻ ممڪن ئي نه آهي. صدارتي محل اسلام آباد کان ڪيمپ آفيس راولپنڊي تائين صدر هوندي، جيڪو ماڻهو هيلي ڪاپٽر کانسواءِ  اچي وڃي نه سگهي، ان جو چڪ شهزاد ۾ رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ملڪ تي 9 سال غرور سان حڪومت ڪرڻ واري اڳوڻي صدر لاءِ سندس رهائش واري جاءِ جو تعين ڪرڻ هن وقت وڏي ۾ وڏو سوال بڻيل آهي.ڏسجي ته مشرف ڪٿي ٿو پکڙا اڏي.

memonsuhail@hotmail.com