روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي

سنڌ ميڊيڪل ڪاليج، ڪراچي استاد اسڪول اچي ئي نٿو

                ڳوٺ رجب علي زرداري، نيو سعيد آباد شهر کان اوڀر طرف 15 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي،ويهه گهرن تي مشتمل آبادي واري هن ڳوٺ ۾ پنج سالن کان وٺي هڪ پرائمري اسڪول منظور ٿيل آهي. اسڪول ۾ 50 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم پرائي رهيا آهن،پنجاهه شاگردن لاءِ هن اسڪول ۾ فقط هڪ استاد مقرر ڪيو ويو آهي،اهو به ڪڏهن ڊيوٽي تي اچي ٿو ته، ڪڏهن اچي ئي نٿو.استاد جي ريگيولر نه اچڻ ڪري ٻارن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي،اهڙي شڪايت اسان اي ڊي او تعليم سعيدآباد سان پڻ ڪئي آهي، پر ان باوجود اڃاتائين ان پاران ڪو قدم ناهي کنيو ويو.اسان سنڌ جي تعيلم واري وزير کي اپيل ٿا ڪريون ته،ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ استادن جو انگ وڌائي انهن کي ڊيوٽي جو پابند بنايو وڃي.

چاڪر خان زرداري/نيو سعيدآباد

ٺٽي جي ڊي پي او جو فيصلو شهر واسين جي حق ۾ آهي!

                ٺٽي جي ضلعي پوليس آفيسر (ڊي پي او) طرفان شهر ۾ جلسن جلوسن تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو ويو آهي، منهنجي خيال ۾ ڊي پي او جو اهو فيصلو عوام جي  ڀلائي لاءِ آهي، ڇاڪاڻ ته ٺٽي شهر ۾ هڪڙو ئي مين روڊ آهي، جتان ڪراچي، حيدرآباد، سجاول، جهمپير، جنگشاهي، مڪلي، وُر ،غلام الله، بس اسٽاپ، سول اسپتال، ڪورٽن ۽ ٻين سرڪاري آفيسن ڏانهن رستو وڃي ٿو، ٺٽي جو پريس ڪلب پڻ ساڳئي روڊ تي واقع آهي. جڏهن به ڪو احتجاج ٿئي ٿو، يا ڌرڻو لڳي ٿو ته، ان سان مين روڊ بلاڪ ٿي وڃي ٿو ۽ چئن ئي طرفن کان ٽريفڪ جام ٿيو وڃي.ڪلاڪن جا ڪلاڪ مسافر اتي ڦاٿل هوندا آهن. روڊ بلاڪ ٿيڻ ڪري شهر واسين کي تمام گهڻين تڪليفن مان گذرڻو پوي ٿو،ٺٽي جي سول اسپتال پڻ ان رستي تي آهي. ٽريفڪ جام ٿي وڃڻ ڪري سموري شهر جي معمول واري زندگي متاثر ٿئي ٿي. ڪجهه ڏينهن اڳ مذڪوره روڊ جي چوڪ تي ڏهه ٻارهن ماڻهو پاڻي جي کوٽ ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا، جن ٽائر ساڙي روڊ پڻ بلاڪ ڪيو هو، جنهن سان اٽڪل 3 کان 4 ڪلاڪ روڊ بلاڪ ٿي ويو، سخت گرمي سبب بسن ۾ ڦاٿل ماڻهو دانهون ڪري رهيا هئا ۽ احتجاج ڪندڙن کي پاراتا پڻ ڏئي رهيا هئا. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، جلسن جلوسن سان تڪيلف ڪنهن کي ٿئي ٿي ۽ ڊي پي او جو فيصلو ڪنهن جي حق ۾ آهي.

امان الله سومرو/مڪلي

بدين جي يوٽيلٽي اسٽور تان اٽو ٻن مهينن کان ملي ئي نٿو!

                گذريل حڪومتي دور ۾ عوام کي عام واهپي جون شيون سستي اگهه تي مهيا ڪرڻ لاءِ حڪومت پاران سڄي ملڪ ۾ يونين ڪائونسل سطح تي يوٽيلٽي اسٽور کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان فيصلي تحت سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽور کوليا ويا،انهن يوٽيلٽي اسٽورن جي کلڻ کانپوءِ عوام کي اها اميد ٿي ته، هاڻ آساني سان سستي اگهه تي کنڊ،اٽو، کاڄرو تيل، گيهه ۽ ٻيون عام واهپي جون شيون ملي سگهنديون پر بدقسمتي سان ائين ٿي نه سگهيو.ملڪ جو غريب عوام جيڪو پهريان صرف مهانگائي جو عذاب ڀوڳي رهيو هو، ان کي هاڻ هڪڙو ٻيو قطار ۾ بيهڻ وارو عذاب ڀوڳڻو پئجي ويو آهي،ماڻهو سڄو سڄو ڏينهن يوٽيلٽي اسٽورن اڳيان عام واهپي جون شيون خريد ڪرڻ لاءِ قطارون ڪري بيٺل هوندا آهن، پر انهن کي سامان ملي ناهي سگهندو. اهڙو ئي هڪ مثال بدين جي يوٽيلٽي اسٽور جو آهي.جتي سامان اچڻ کان اڳ ئي شايد وڪرو ٿيو وڃي.هن اسٽور تي اٽي کي آئي اٽڪل ٻه مهينا ٿي چڪا آهن،ان کان علاوهه کنڊ، ٽوٽا چانور ۽ گيهه به نٿو ملي.يوٽيلٽي اسٽور تي سامان جي کوٽ هجڻ ڪري هاڻ سيل به ناهي رهي.اسان يوٽيلٽي اسٽورن جي اعليٰ انتظاميا کي اپيل ٿا ڪريون ته، جلد بدين جي يوٽيلٽي اسٽور جي خراب ٿيندڙ صورتحال جو نوٽيس وٺي،اتي عام واهپي جون شيون رکرايون وڃن.

انور شاهه/بدين

شهيد بي بي جون تصويرون پٽ تي!

                محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد سندس اعليٰ مرتبي کي ڏسندي مختلف ادارن پاران شهيد بي بي جي نالي کي استعمال ڪندي مارڪيٽ ۾ سندس نالي سان ننڍن ٻارن جي کائڻ جون ڪافي ساريون شيون مختلف فوڊ ڪمپنين پاران آنديون ويون آهن، جن تي محترمه جي تصوير لڳل آهي. شين کي ٻار کائي انهن جون خالي ٿيلهيون زمين تي اڇلايو ڇڏين، جنهن سان ٿئي ائين ٿو ته رستن تي ماڻهن جي اچ وڃ ڪري اهي ٿيلهيون لتاڙبيون رهن ٿيون جنهن سان محترمه جي چاهيندڙن، همدرن ۽ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي تمام گهڻي تڪليف ٿئي ٿي ۽ اهي محترمه جي تصوير کي پٽ تي نٿا ڏسي سگهن. اسان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت کي اپيل ٿا ڪريون ته، اهڙين شين ٺاهڻ وارن ڪمپنين خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

بابر علي پنهور/ڪوٽڙي

تعليم کاتي ۾ اعلانيل ست هزار نوڪريون ۽ ميرٽ جو سوال

                30 جون واري ڪاوش ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير پير مظهرالحق جو اهو بيان  پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته، مهيني اندر سنڌ ۾ ست هزار استاد ڀرتي ڪيا ويندا ۽ نياڻين جي تعليم وڌائڻ لاءِ عورتن کي نوڪرين ۾ اوليت ڏني ويندي.گذريل ق ليگ جي حڪومت ۾ سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن جون ڊگريون رکندڙ بيروزگار نوجوانن کي نوڪرين ڏيڻ جا اعلان ڪري، انهن کي آسرا ڏئي، انهن کان ڳريون فيون ورتيون ويون. مختلف ادارن کان ٽيسٽون وٺرايون ويون، انٽرويو ٿيا، اهي سموريون ٽيسٽون ۽ انٽرويو پاس ڪرڻ کانپوءِ به سنڌ جي نوجوانن کي نوڪرين جا آرڊر ملي نه سگهيا. اڄ سنڌ جا اهي ڪيترين ئي ٽيسٽن ۽ انٽرويوز ۾ ڪامياب قرار ڏنل نوجوان نوڪرين جا آرڊر نه ملڻ ڪري احتجاج ڪري رهيا آهن.گذريل حڪومت ۾ سنڌ جي اعليٰ تعليم يافته نوجوانن کي صرف مايوسي پلئه پئي پر هاڻي جيئن ته عوامي حڪومت آهي، اسان هن حڪومت مان اها اميد ٿا رکون ته، اسان کي ميرٽ جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون وينديون. اسان سنڌ جي تعليم واري وزير پير مظهرالحق کي اپيل ٿا ڪريون ته، اعلانيل ست هزار استادن جون ڀرتيون نج ميرٽ جي بنياد تي ڪيون وڃن، جن ۾ ڪنهن به ايم اين اي، ايم پي اي کي ڪوٽا نه ڏني وڃي، ته جيئن هن حڪومت ۾ بيروزگارن سان ناانصافي نه ٿئي ۽ اهل اميدوارن کي پنهنجو حق ملي سگهي.

مهتاب جميل دائودپوٽو/قاسم آباد

ٻه ڪتاب پڙهيل نوجوان وڏن جي ڳالهه کي اهيمت ئي نٿا ڏين!

                اڄڪلهه عام طور ڏٺو اهو ويو آهي ته، جنهن نوجوان ٻه ڪتاب پڙهيا آهن، اهو پاڻ کي الائي ڇا پيو سمجهندو آهي، اهي ڪنهن وڏي سان گڏ ويهي ڪچهري ڪرڻ ته ٺهيو پر  ان کي هٿ ڏيڻ به پسند ناهن ڪندا. اهڙا پاڻ کي گهڻ پڙهيو سمجهندڙ نوجوان پنهنجي وڏڙن کان ائين منهن موڙيندا آهن، ڄڻ سندن جو انهن سان ڪو واسطو ئي ناهي.اها صورتحال خاص ڪري ٻهراڙي ۾ڏٺي وئي آهي،پڙهيل لکيل، سٺا، ڏسڻا وائسڻا ذهن نوجوان وڏڙن کي بلڪل ئي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته، اسان جا نوجوان اهو جديد علم سکيا آهن،جنهن جو اولڙو سندن وڏاءُ مان ظاهر پيو ٿئي. اسان جا نوجوان ڪيڏا نه سادا آهن، جو هو پنهنجي وڏن ۽ پنهنجي ورثي کان پري ٿيندا پيا وڃن.چوندا آهن ته جن پنهنجي ثقافت وساري انهن ڄڻ ته پنهنجو سڀ ڪجهه وڃايو.نوجوانن کي ائين ڪرڻ نه کپي، وڏڙن سان ويهي انهن کان سکڻ گهرجي،انهن جا مشاهدا ٻڌڻ گهرجن، انهن جي تجربن مان سکڻ گهرجي.اسان کي وڏڙن کان اهي انمول ڳالهيون ملنديون، جيڪي ڪنهن ڪتاب ۽ انٽر نيٽ تان نٿيون ملي سگهن. وڏڙن سان ويهي کانئن ڏور بيت، پهاڪا ۽ پروليون ٻڌڻ ۽ سکڻ کپن. نوجوانن کي گهرجي ته پنهنجي ٻن ڪتابن واري انا ڇڏي وڏڙن سان ويهي ڪچهريون ڪري ڏاهپ جا خزانا هٿ ڪن.

پريتم لعل/هٿونگو

ڀان سيد آباد واسين آخر ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو؟

                ڀان سيدآباد مان اڄ کان اٽڪل 10 سال پهريان نيشنل بئنڪ سيوهڻ شريف منتقل ڪئي وئي، جنهن سان نه رڳو عام ماڻهن پر سرڪاري ملازمن کي به تڪليفن جو منهن ڏسڻو پيو، بئنڪ جي ڀان سيد آباد کان سيوهڻ شريف منتقلي تي ڪافي احتجاج ٿيا پر ان هوندي به ڪو کڙ تيل نه نڪتو.جڏهن وري ارباب جي حڪومتي دور ۾ ضلعا ورهايا ويا ته، اسان جي شهر ڀان سيدآباد کي ضلعي دادو کان ڌار ڪري ڄامشوري جو حصو بنايو ويو. جيڪڏهن پهريان اسان ڪنهن ڪم ڪار سان دادو ضلعي آفيس مان ٿي ايندا هئاسين ته 20 رپين ۾ ۽ هاڻ اهو ساڳيو 20 رپين وارو ڪم 500 رپين ۾ به نٿو ٿئي ۽ ان سان گڏ اسان کي سڄو ڏينهن به وڃائڻو پوي ٿو ڇاڪا ته، اڄڪلهه آفيسن ۾ آفيسر اڪثر ڪري هوندائي  ناهن جيڪڏهن هوندا آهن ته وري مصروف ٻڌايا ويندا آهن. اهڙي طرح ضلعن جي نئين جوڙ جڪ کان اڳ اسان سان رڳو نيشنل بئنڪ جو مسئلو هو پر هاڻ ته، ڪيترائي مسئلا آهن هتي ڪهڙي ڪهڙي جو ذڪر ڪجي.

شرف الدين پنهور/ڀان سيد آباد

ريڊيو سنڌ جي شهرن ۽ علائقن جي موسم جو احوال نٿو ڏي!

                ريڊيو پاڪستان تان روزانو شام جو 8 ئين وڳي خبرون اينديون آهن. انهن ۾ ڪاروباري ۽ راندين جي خبرن کان سواءِ موسم جو احوال پڻ ڏنو ويندو آهي، موسم جي خبرن ۾ سنڌ کي بلڪل نظر انداز ڪيو ٿو وڃي، پنجاب ۽ سرحد جي هر ننڍي ۽ وڏي شهر جي موسم جو احوال ڏنو وڃي ٿو، پر سنڌ مان وڌ مان وڌ ڪراچي جو احوال هوندو آهي. باقي سنڌ جي ٻين شهرن ۽ علائقن بابت نٿو ٻڌايو وڃي.سنڌ جي سامونڊي پٽي وارن علائقن کي ته خاص طور تي هن برساتي موسم ۾ با خبر رکڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي پر ريڊيو پاڪستان تان ايندڙ خبرن ۾ ان علائقي جي موسم بابت ڪا به خبر نٿي هجي. باقي جڏهن ڪو طوفان يا ٻوڏ اچي ڪنڌ تي ڪڙڪندي آهي ته، پوءِ موسميات کاتي وارا ٻڌائيندا آهن ته هاڻي، ڀڄي جان بچايو پر پوءِ ان ٿوري وقت ۾ ماڻهو محفوظ هنڌ تائين ڪيئن پهچن. منهنجي اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير شيري رحمان کي گذارش آهي ته، ريڊيو پاڪستان کي انهي ڳالهه جو پابند بنايو وڃي ته، ان تان ايندڙ خبرن ۾ خاص طور تي هن برسات جي موسم ۾ سنڌ جي شهرن جي موسم جو احوال به ڏنو وڃي.

سرمد کوسو/بدين

ملڪي سياست جي منجهيل صورتحال ۽ ويچارو عوام!

                ضمني چونڊ لاءِ نواز ليگ جي سربراهه نواز شريف کي لاهور جي هاءِ ڪورٽ پاران نا اهل قرار ڏنو ويو، جنهن بعد وفاقي حڪومت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو جنهن نواز شريف واري تڪ تي اليڪشن ملتوي ڪئي آهي. ملڪ مان ٻئي نمبر تي اڪثريت سان کٽيندڙ پارٽي جي سربراهه جي خلاف نااهلي وارو فيصلو اچڻ يقينن هڪ ڳجهارت آهي، جنهن مان ڪيترائي خدشا ۽ اُلڪا جنم وٺن ٿا. هوڏانهن ان معاملي تي پيپلز پارٽي جو موقف به لچڪ وارو آهي. اهڙي صورتحال ماڻهن کي منجهائي وڌو آهي. جج بحال ٿيندا يا نه، نواز شريف ضمني اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهندو يا نه، مشرف صدارتي عهدو ڇڏيندو يا نه؟ اهي موجودهه وقت ملڪي سياست جا وڏي ۾ وڏا سوال آهن.جن بابت مختلف خدشا ۽ اميدون آهن، اهڙي صورتحال ۾ عوام ڪا به هڪ راءِ رکڻ جي پوزيشن ۾ ڪونهي، ڇاڪاڻ ته هتي ڪيڏي مهل به ڪجهه ٿي سگهي ٿو. هوڏانهن وفاقي ۽ صوبائي بجيٽن ۾ عوام کي ڪو به رليف ناهي ڏنو ويو ۽ مهانگائي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. بجلي جو بحران به جاري آهي.نئين حڪومت مان ماڻهن کي گهڻيون ئي اميدون هيون ته، هو سک جو ساهه کڻي سگهندا پر هن مهل تائين عوام کي رڳو بحرانن جا تحفا مليا آهن، جن ماڻهن کي پريشان ڪيو آهي. ائين به ٿي سگهي ٿو ته،عوام جو ڌيان اصل مسئلن يعني مهانگائي، پاڻي جي کوٽ ۽ بجلي جي کوٽ تان هٽائڻ لاءِ خود حڪومت اهي بحران پيدا ڪيا هجن، هتي ائين به اڪثر ڪيو ويندو رهيو آهي.

صدام حسين درس/ٿر