روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي |
|
صوبائي وزير تعليم کي گذارش!
سائين منهنجا هن عظيم ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڊي پي سي “َ نالي هڪ پري رهندي هئي، جنهن جي باري ۾ چون ٿا ته انهي وٽ پروموشن ڏيڻ جي ڪنجي هوندي هئي، اها جڏهن ويهندي هئي ته نه ڄاڻ گهڻن گهڻن مايوس منهن کڻي هلندڙ غريب ملازمن جا پروموشن ٿي ويندا هئا ۽ اهي ملازم هڪ ڊگهي گريڊ جي پڄاڻي کانپوءِ وري هڪ نئين ڊگهي گريڊ جي قطار ۾ وڃي بيهندا هئا.پر سائين منهنجا انهي ڊي پي سي صاحبا کي ڪيترن ئي سالن کان هڪ اهڙي بيماري اچي لڳي آهي جو، اها بيٺي آهي ته بيٺي آهي، ويهڻ جو اصل نالو ئي نٿي وٺي!...هڪڙي جادوگر انهي ڊي پي سي کي چيو ” ته ادي مهرباني ڪري ويهو ته جيئن هڪ ڊگهو انتظار ڪندڙ ليڪچرارن جا پروموشن ٿين “ اهي لفظ ٻڌي ڊي پي سي مرڳو سمهي رهي پر ويٺي ڪانه. چون ٿا انهي ڊي پي سي کي ڪنهن نصيحت ڪئي هئي ته ”ڪڏهن به نه ويهجان، سدائين بيٺي رهجان، متان ڪنهن ڏينهن اليڪشن ۾ چونڊجي وڃين! عرض اهو آهي ته 1993۾ ڀرتي ٿيل ڪجهه ليڪچرار اڄ کان ٽي سال اڳ سترهين مان ارڙهين گريڊ ۾ پهچايا ويا ۽ باقي بچيل 1993 جي سڀني ليڪچرارن کي انهي آسري تي ڇڏيو ويو ته ايندڙ سال توهانجو به پروموشن ڪيو ويندو.. پر اهو ايندڙ سال خبر ناهي ڪهڙي سال ايندو؟ سائين منهنجا اسانجي خيال ۾ ته انهي ڊي پي سي صاحبا کي ويهڻ لاءِ يقين سان ڪا ڪرسي ته ڇا پر ڪو اسٽول به دستياب ڪونهي...انڪري توهان ئي کڻي انهي ڊي پي سي صاحبا کي ويهڻ لاءِ ڪا سرڪاري کَٽ عطا فرمائي وڃي ته جيئن اها ويهڻ جهڙي ٿئي ۽ ويهي پنڌرهن سالن کان هيسيل چهرا کڻي هلندڙ ليڪچرارن جا پروموشن ڪري سگهي! جنهن کانپوءِ يقينن اسين اهو نعرو هڻندا نڪرنداسين ته ” اب راج ڪري گي خلقِ خدا....!“ محمد ابراهيم ڍول/حيدرآباد |