روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي |
|
صحت واري صوبائي وزير کي اپيل! ٺٽي ضلعي جي ڪينجهر پڪنڪ پوائنٽ ۽ ڀرپاسي جي هزارين ماڻهن جي آباديءَ لاءِ گورنمينٽ ڊسپينسري هيلايا قائم ڪئي وئي آهي، پر اڃا تائين ان عمارت کي بجليءَ جي سهولت فراهم ٿي نه سگهي آهي، فٽنگ به ٿيل آهي، صرف ڪنيڪشن نه ملي سگهيو آهي، توڙي جو پاڻيءَ جي ٽانڪي به تعمير ٿيل آهي، پر بجلي نه هجڻ سبب پاڻي به نٿو پهچي سگهي. صحت جي صوبائي وزير کي گذارش آهي ته گورنمينٽ ڊسپينسري هيلايا کي بجليءَ جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. الهه بخش گندرو/هيلايا (ضلعو ٺٽو) |