|
”ڪومل“ جي ڪردار ۾ دل جي مڙني
سچائين سان شامل ٿي آهيان:ثمر نظام
ڪراچي(ڪلچرل
رپورٽ) ڪي ٽي اين جي ڪومل فيم اداڪاره ثمر نظام چيو آهي ته
”ڪومل“ جو ڪردار منهنجي فني سفر جو اهو ڏاڪو آهي، جتي پهچي آرٽ
منهنجي لاءِ عبادت جو درجو حاصل ڪري ورتو آهي، آئون هن ڪردار ۾
دل جي مڙني سچائين سان شامل ٿي وئي آهيان، ايستائين جو ڪڏهن
ڪڏهن ڏک وارين گهڙين ۾ائين محسوس ٿيڻ لڳندو آهي ته آئون حقيقي
زندگي ۾به ”ڪومل“ واري زندگي جيءَ رهي آهيان. ”ڪاوش“ سان
ڳالهائيندي ثمر نظام چيو ته فن ماڻهو کان جذبن ۽ احساسن جي
قرباني گهرندو آهي ۽ هر سچو فنڪار پنهنجي آرٽ کي پنهنجي ذات
کان مٿانهون درجو ڏيندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو آئون پنهنجي
بابا سائين جي جدائيءَ جا لڙڪ اکين کان سڪڻ کان پهرين ”ڪومل“
جي سيٽ تي پهتي هيس، جيئن منهنجي ذات جو ڏک منهنجي ڪردار تي
اثر انداز نه ٿئي، هن چيو ته ڪهاڻيءَ جي ”ڪومل“ مون کي نئين
سڃاڻپ ڏني آهي، جنهن نه صرف منهنجي سڃاڻپ پر منهنجو مزاج به
بدلائي ڇڏيو آهي.ثمر نظام چيو ته ”ڪومل“ طور مون کي بي پناهه
موٽ ملي رهي آهي. |