روزانه ڪاوش

گهوٽڪي جو امن تباهه ڪندڙ مهر-گبول خوني تڪرار جو نبيرو،44 لک رپيا ڏنڊ

خانپور مهر/ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: شهزادو لاڙڪ/لطيف لغاري) گهوٽڪي ضلعي ۾ مهر ۽ گبول برادرين جي ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نيٺ نبيرو ٿي ويو، ڌرين مٿان 6 خون ثابت ٿيا، جڏهن ته ڌرين تي 44 لک 20 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو، گهوٽڪي ضلعي اندر گبول ۽ مهر برادرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو مير عابد خان جتوئي، تاج محمد ڊومڪي، سردار رحيم بخش بوزدار ۽ سردار آغا احمد يار شر جي سرپئنچي هيٺ ڳڙهي چاڪر ۾ سردار رحيم بخش بوزدار جي رهائشگاهه تي ٿيو، جنهن جي فتويٰ حاجي ڪريم ڏنو بڊاڻي پڙهي ٻڌائي، فتويٰ ۾ خون جو عيوضو 4 لک رپيا مقرر ڪيو ويو، اهڙي ريت مهر برادري جي قتل ٿي ويل ٻٽو مهر، برڪت مهر ۽ صابر پٺاڻ جا 12 لک رپيا ۽ زخمين مان شديد زخمي اڪبر مهر جا 2 لک 50 هزار رپيا، زخمي علي مراد مهر جا 80 هزار رپيا، سجاول مهر جا 2 لک رپيا، ذوالفقار مهر جا هڪ لک 50 هزار، محمد نواز مهر جا 2 لک رپيا جڏهن ته مهر برادري جي چڱي مڙس ڀورل مهر کي زخمي ڪرڻ جا 2 لک ۽ اغوا جا 2 لک رپيا ٽوٽل 4 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، جڏهن ته گبول برادري جي هٿياربندن پاران مهرن جي پير سيد احسان شاهه کي زخمي ڪرڻ ۽ گار گند ڪرڻ جو هڪ لک رپيا ڏنڊ اهڙي ريت ٽوٽل 25 لک 80 هزار رپيا گبول برادري تي ڏنڊ وڌو ويو، فيصلي دوران تڪرار ۾ مارجي ويل نظير گبول کي ڦورو قرار ڏنو ويو پر ڳالهين ۾ اهو پڻ ثابت ٿي ويو ته نظير گبول کي مهر برادري جي هٿياربندن جيئرو پڪڙڻ بعد بيدردي سان قتل ڪيو، ان ڪري نظير گبول جي قتل جو 4 لک رپيا، قتل ٿيل صحبت گبول جو 4 لک رپيا ۽ 5 ورهين جي معصوم ٻارڙي ماريه ڌيءُ عمر گبول جو عيوضو 8 لک رپيا ۽ زخمي عورت عمر گبول جي گهرواري جو 2 لک رپيا ۽ زخمي ولي محمد گبول جو 40 هزار رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، اهڙي ريت مهرن مٿان 18 لک 40 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو، جڏهن ته مجموعي طور تي ٻنهي ڌرين مٿان 44 لک 20 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ويو،جڏهن ته گبول برادري جي هٿياربندن پاران سردار محمد بخش مهر جي مسافر بس مان مهر برادري جي ٻن ڄڻن کي قتل ڪرڻ ۽ بس مان ڦرلٽ ڪرڻ واري ناجائزي جي بدلي ۾ گبول برادري پنهنجي سردار تاج محمد ڊومڪي کي وٺي وڃي سردار محمد بخش مهر وٽ ميڙ ٿي ان کان معافي وٺندا، فيصلي ۾ ڌرين مٿان رکيل ڏنڊ واري رقم مقتولن جي وارثن ۽ زخمين حوالي ڪئي ويندي، ڏنڊ جي رقم مان اڌ رقم 15 ڊسمبر 2008ع تي ۽ بقايا اڌ رقم 15 جنوري 2009ع تي ڌريون سردار رحيم بخش بوزدار جي رهائشگاهه تي مقتولن جي وارثـن ۽ زخمين کي ادا ڪنديون، جرڳي ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته ٿيل فيصلي تي ڄاڻايل سردار هڪ مهيني اندر عمل ڪرائيندا ۽ فيصلي بعد اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 5 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويندو، جيڪڏهن اڳرائي ڪندڙ ڌر هٿان ڪنهن به برادري جو ماڻهو قتل ٿي ويو ته ان قتل جو عيوضو 10 لک رپيا هوندو، اهڙي فيصلي بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون، جڏهن ته فيصلي ۾ ضلعي ناظم علي گوهر مهر، مٺا خان مهر، خليل گبول ۽ ٻين به شرڪت ڪئي.