روزانه ڪاوش

لاڙڪاڻي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي نالي ۾ ٻيلن کي ڀيليو ويو:فاريسٽ کاتي پاران پروانا جاري

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ضلعي جي حدن مان گذرندڙ سنڌو درياءَ جي ڪچي واري علائقي ۾ مبينا طور ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي نالي ۾ ٻيلن کي باهه ڏيڻ کانپوءِ فاريسٽ کاتي هزارين ساوا وڻ وڍرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ڪانٽريڪٽرن پاران سوين ٽريڪٽرن ۽ گڏهه گاڏن تي روزانو هزارين وڻ ڪٽي شهرن ڏانهن وڪرو ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، لاڳاپيل اختيارين توڙي ماحولياتي گدلاڻ جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪندڙ ڪنهن به تنظيم مامري جو نوٽيس نه ورتو، ان ڏس ۾ ورتل جائزي موجب لاڙڪاڻي ضلعي جي حدن اندر نئون ديرو لڳ شريف پور ٻيلي پوليس پاران 2 مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو ويو، جيتوڻيڪ آپريشن ۾ هڪ به ڌاڙيل نه مئو ۽ نه ئي گرفتار ٿيو پر پوليس پاران مبينا طور ڌاڙيلن جي ٿاڪن کي تباهه ڪرڻ ۽ ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪامياب آپريشن لاءِ رستا ٺاهيا ويا، جڏهن ته گهاٽي جهنگ کي باهيون پڻ ڏنيون ويون، جنهن دوران هڪ اهلڪار دم گهٽجڻ سبب فوت به ٿيو هو ۽ ڪيترائي بيهوش ٿي ويا، اهڙي صورتحال کانپوءِ ڌاڙيلن خلاف هلندڙ آپريشن ته بند ڪيو ويو پر شريف پور ٻيلي ۾ وڻن جي واڍي شروع ڪئي وئي، اطلاع آهن ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي شروع وارن ڏينهن ۾ علائقي جي ايس ايڇ او کان وٺي ڊي ايس پي سطح تائين جي آفيسرن جي رضامندي سان وڻ وڍڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، بعد ۾ وري فاريسٽ کاتي پاران شريف پور ٻيلي ۾ وڻن جي واڍي لاءِ آڪشن (نيلامي) ڪري 2 هزار وڻ ڪٽڻ جي اجازت ڏني وئي، گذريل ٻن مهينن کان شريف پور ٻيلي ۾ هزارين ساوا وڻ وڍي ڪروڙين رپين جي ماليت جو ڪاٺ وڪرو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ فاريسٽ کاتي جي ڊي ايف او محمد عارف کوکر صحافين جي هڪ گروپ سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سڙيل ۽ سڪل 2 هزار وڻن جو آڪشن ڪري واڍي جي اجازت ڏني آهي، هن دعويٰ ڪئي ته هڪ به سائو وڻ نه وڍيو آهي ۽ نه وڪرو پيو ٿئي، هوڏانهن صحافين جي ٽيم جي شريف پور ٻيلي واري علائقي ۾ پهچڻ وقت ساون وڻ جي واڍي جاري هئي پر ٽريڪٽرن ۽ گڏهن گاڏن تي ڪاٺ کي شهرن ڏانهن منتقل ڪيو پئي ويو.