|
روزانه ڪاوش |
|
حڪومت سنڌي ٻولي اختياري جي گرانٽ 50 لک مان وڌائي 2ڪروڙ ڪري ڇڏي،هڪ ڪروڙ اي ڊي پي مد ۾ مختص حيدرآباد (رپورٽ: ستار ملڪ) سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ۾ مالي گهوٽالي جي حل لاءِ ثقافت کاتي پاران اماڻيل سمري منظور، سنڌ سرڪار لئنگويج اٿارٽي جي سالياني گرانٽ ۾ 300 سيڪڙو اضافو ڪندي 2 ڪروڙ ۽ هڪ ڪروڙ اي ڊي پي جي مد ۾ مختص ڪري ڇڏيا، انسائيڪلو پيڊيا کي مڪمل ڪرڻ جو ٽاسڪ ۽ موهن جو درڙو جي اسڪرپٽ تي عالمي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ رپورٽ موجب سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ ڪم ڪندڙ سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو سنڌي لئنگويج اٿارٽي ٻولي جي ترقي جي حوالي سان فنڊن جي کوٽ سبب پنهنجو اثرائتو ڪرادار نڀائڻ کان قاصر رهيو آهي، محدود فنڊن سبب اڪثر وقتن تي اداري جو ڪاروهنوار پڻ ٺپ ٿي ويو آهي، حاصل ڪيل ڄاڻ موجب بااختيار اداري جي سالياني گرانٽ 1991ع ۾ قائم ٿيڻ کان 2001ع تائين 15 لکن کان وڌيڪ نه رهي آهي، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو جي چيئرميني واري دور ۾ سنڌ سرڪار ان گرانٽ ۾ 10 لکن جو اضافو ڪري 25 لک ڪئي، جنهن کي بعد ۾ عبدالقادر جوڻيجي جي دور ۾ ارباب رحيم جي حڪومت 50 لک رپين تائين ڪيو، مالي بحران سبب ذريعن جي ڄاڻ موجب اداري جي ملازمن کي مختلف بئنڪن مان قرض کڻي پگهارون ڏيڻ سميت ٻيو ڪاروهنوارهلايو ويو، ڄاڻ ۾ سنڌ جي ناليواري محقق ڊاڪٽر فهميده حسين کي ٻولي اختياري جي چيئرپرسن مقرر ڪرڻ کانسواءِ موجوده پ پ سرڪار ايس ايل اي جي بجيٽ ۾ 300 سيڪڙو اضافو ڪندي سالياني گرانٽ 2 ڪروڙ جي منظوري ڏي ڇڏي آهي، جنهن ۾ 56 لک رپيا ڪجهه مهينا اڳ جاري ڪيا ويا، جڏهن ته بقايا ڏيڍ ڪروڙ جي منظوري ڏني وئي آهي، جيڪي پڻ جلد جاري ڪيا ويندا، جنهن بعد سنڌي ٻولي اختياري جا رولڙي هيٺ پيل منصوبا مڪمل ٿي ويندا، گرانٽ منظور ٿيڻ بابت ڪاوش پاران رابطو ڪرڻ تي سيڪريٽري ثقافت شمس جعفراڻي تصديق ڪندي ٻڌايو ته 56 لک رپيا جاري ڪري چڪا آهيون، وڏي وزير وڌيڪ ڏيڍ ڪروڙ جي به منظوري ڏني آهي، جنهن سان هلندڙ منصوبا مڪمل ڪري سگهبا، ٻئي طرف حاصل ڪيل ڄاڻ موجب سنڌ سرڪار سالياني گرانٽ سان گڏ سالياني ترقياتي منصوبن اي ڊي پي جي مد ۾ پڻ ڌارهڪ ڪروڙ رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن مان سنڌي ٻولي اختياري جي هلندڙ پراجيڪٽس کي مڪمل ڪيو ويندو، ان ڏس ۾ اٿارٽي جي سڀ کان وڏي 3 ڪروڙ ماليت واري انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پراجيڪٽ تي پڻ اڳڀرائي ڪري سگهبي رقم جاري ٿيڻ سان هلندڙ سال جي آخر تائين سنڌي انسائيڪلو پيڊيا جو ٽن اکرن تي مشتمل جلد جاري ڪيو ويندو، جڏهن ته موهن جو دڙو جي اسڪرپٽ تي پڻ عالمي ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي، ملندڙ رقم مان ڊجيٽل ڊڪشنري، ٻاراڻي لوڪ ادب سميت سنڌي ۾ ڪارٽون گيمز تي پڻ اڳڀرائي ٿي سگهندي، ان سلسلي ۾ ڪاوش پارا رابطو ڪرڻ تي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئر پرسن ڊاڪٽر فهميده حسين ٻڌايو ته اي ڊي پي جي مد ۾ رقم ملڻ سان ڄاڻايل پراجيڪٽس تي ڪم ڪبو، جڏهن ته سنڌي سافٽ ويئر ورڊ پروسيس جو ڪم مڪمل آهي، ان جو افتتاح جلد ئي سنڌ جي وڏي وزير کان ڪرايو ويندو.
|