|
روزانه ڪاوش |
|
ماڙي گئس ڪمپني انتظاميا ۽ ڳوٺاڻن ۾ ڇڪتاڻ،ڪم بند،اهلڪارن جو ڳوٺاڻن تي تشدد،فائرنگ،4 گرفتار گهوٽڪي/ڏهرڪي(نمائندن وٽان) ڏهرڪي ڀرسان ماڙي گئس ڪمپني جي انتظاميا ۽ ڳوٺاڻن ۾ زمين جي معاوضي جي معاملي تان تڪرار تيز ٿي ويو، ڳوٺاڻن ڪم بند ڪرائي ڇڏيو، پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪار مارڪٽ بعد 4 ڄڻن کي کنڀي ويا، ماڙي گئس ڪمپني جي کوهه نومبر 6 وٽ ڳوٺ گگو مهر جي ڳوٺاڻن زمين جي معاوضي جي معاملي تان ڇڪتاڻ بعد ڪمپني انتظاميا کي پائيپ لائين وڇائڻ کان روڪي ڇڏيو، جنهن تي ڪمپني انتظاميا مڇرجي پئي ۽ پوليس اٽالا طلب ڪيا ويا، جنهن بعد مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن ۽ ڪمپني جي سيڪيورٽي اهلڪارن پهچي ڳوٺاڻن تي تشدد ڪيو ۽ ڳوٺ گگو مهر ۾ اهلڪار گهڙي پيا، ان دوران ڳوٺاڻن کي سخت مارڪٽ ڪئي وئي، اهلڪارن مزاحمت ڪرڻ تي ڇتي هوائي فائرنگ به ڪئي، اهلڪار عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪرڻ کانپوءِ چئن ڄڻن محمد مهر، سچيڏنو، نياز ۽ معذورڦوٽو مهر کي زخمي حالت ۾ کڻي ويا، کين داد لغاري ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو آهي، هوڏانهن گئس ڪمپني جي سپروائيزر حسين بخش چاچڙ جي فرياد تي داد لغاري ٿاڻي تي ڳوٺاڻن بچل، نهال، ڌڻي بخش، يوسف، محمد بخش، اياز ۽ جيئند سميت 10 سڃاتل ۽ 20 اڻسڃاتل ڳوٺاڻن خلاف ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ جهيڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
|
|
|