|
روزانه ڪاوش |
|
ڄامشوري ٿرمل جا 3 يونٽ بند هجڻ جو وفاقي سرڪار نوٽيس ورتو،وفاقي وزير ۽ واپڊا چيئرمين سڀاڻي پهچندا ڄامشورو(رپورٽ: نديم پنهور) ڄامشوري ٿرمل پاور هائوس جي 4 يونٽن مان 3 يونٽ بند هجڻ جو پاڻي ۽ بجلي جي وزارت نوٽيس ورتو، اختيارين کان پڇاڻو، وفاقي وزير ۽ واپڊا چيئرمين سڀاڻي پهچندا، ٿرمل هائوس جا3 يونٽ بند هجڻ ڪري ڪراچي سميت ٻين علائقن کي ملندڙ بجلي جي سپلاءِ سخت متاثر ٿي رهي آهي، 880 ميگا واٽ بجلي جي پيداواري صلاحيت رکندڙ ٿرمل پاور هائوس هڪ يونٽ فنڪشنل هجڻ ڪري هن وقت رڳو 150 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي، ٿرمل هائوس ۾ جاپاني ڪمپني جو يونٽ نمبر هڪ بوائلر جا ٽيوب خراب ٿيڻ ڪري هڪ هفتي کان بند آهي، جڏهن ته چائنا ڪمپني جي ٽن يونٽن مان 2 يونٽ بند پيل آهن، جن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ پرڏيهي ماهرن جي ٽيم ٿرمل پاورهائوس ۾ترسيل آهي، جڏهن ته ٿرمل پاور هائوس ۾ يونٽن جي بند هجڻ توڙي ملازمن پاران مسئلن جي حل لاءِ پاڻي ۽ بجلي جو وفاقي وزير راجا پرويز اشرف ۽ واپڊا چيئرمين شڪيل دراني سڀاڻي 3 جولاءِِ تي ٿرمل پاور هائوس جي دوري تي پهچي رهيا آهن، مليل ڄاڻ موجب وفاقي وزير ۽ واپڊا چيئرمين کي بند پيل يونٽن بابت بريفنگ ڏني ويندي ۽ کين ٻڌايو ويندو ته يونٽن جي مرمت لاءِ پرزا ٻاهران گهرايا ويندا، رابطو ڪرڻ تي ٿرمل پاور هائوس جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر محمد جميل آرائين وفاقي وزير ۽ واپڊا چيئرمين جي آمد جي تصديق ڪئي، هن ٻڌايو ته مرمتي ڪم هلي رهيو آهي، يونٽ نمبر 2 ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر ٺيڪ ٿي ويندو، باقي ٻن يونٽن جي مشينري پرڏيهه مان خريد ڪرڻ لاءِ وفاقي سرڪار کي لکيو ويو آهي. |