|
روزانه ڪاوش |
|
رتيديري ڊگري ڪاليج ۾ شاگرد تنظيمن جي ارهه زورائي،پروفيسرن جي آفيسن تي قبضا،استادن پاران احتجاج رتوديرو(رپورٽ: نياز ابڙو) رتيديري ۾ ڊگري ڪاليج ۾ پروفيسرن جي آفيسن تي شاگرد تنظيمن پاران قبضو، استادن کي گٿا لفظ ڏئي فرنيچر کنيو ويو، پنهنجون آفيسون قائم ڪري روم سيل ڪري ڇڏيا، پوليس ۽ تعليم کاتي جي اختيارين کي آگاهه ڪرڻ باوجود ڪارروائي نه ٿيڻ خلاف پرنسپال جي اڳواڻي ۾ پروفيسرن ۽ ليڪچرارن جو مظاهرو ۽ بک هڙتال، ان ڏس ۾ 2 ڏينهن اڳ مختلف سياسي تنظيمن سان لاڳاپيل شاگرد تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن رتيديري ڊگري ڪاليج ۾ پروفيسرن ۽ اسٽاف جي رومن تي قبضا ڪري پارٽي جهنڊا هڻي چاڪنگ ڪري پنهنجون آفيسون قائم ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته رومن ۾ رکيل فرنيچر تي پڻ قبضو ڪري رومن کي تالا هڻي ڇڏيا، اهڙي ڪارروائي دوران روڪڻ تي شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن استادن کي گٿا لفظ ڏئي بدتميزي پڻ ڪئي، جنهن تي پروفيسرن، ليڪچرارن ۽ ٻئي اسٽاف پرنسپال ممتاز سولنگي جي اڳواڻي ۾ ڪاليج کان مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي پروفيسر شمس الدين ساريو، شام لال، ملهار سنڌي، دريا خان لڪ،يعقوب عالماڻي ۽ ٻين دانهيو ته شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران ڪيل عمل بابت ڊي ايس پي رتوديرو، ايس ايڇ او ۽ تعليم کاتي جي اختيارين کي آگاهه ڪيو پر هن مهل تائين ڪو به تدارڪ ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته ڪاليج جو ٽرانسفارمر پڻ چوري ٿي ويو آهي، هنن چتاءُ ڏنو ته انتظاميا تدارڪ نه ڪيو ته سمورا استاد ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز وٽ پيش ٿي پنهنجي بدلي ڪرائينداسين. |