روزانه ڪاوش

ٿرپارڪر ضلعي ۾ رمضان پيڪيج جو ڪو به سامان نه پهتو،عوام مهانگائي جو عذاب ڀوڳڻ تي مجبور

مٺي(رپورٽ: کاٽائو جاني) وفاقي حڪومت پاران اعلانيل رمضان شريف پيڪيج رڳو اعلان ئي رهجي ويو آهي ۽ رمضان شريف جو پهريون روزو پورو ٿي وڃڻ باوجود ضلعي ٿرپارڪر جي چئني تعلقن مٺي، ڏيپلو، ڇاڇرو ۽ ننگر پارڪر جي تعلقي هيڊ ڪوارٽرن سميت ضلعي ٿرپارڪر جي ٻين شهرن  ۽ وڏن وڏن ڳوٺن ۾ قائم سرڪاري يوٽيلٽي اسٽورن تي سرڪار پاران اعلان ڪيل رمضان پئڪيج جو ڪو به سامان پهچي نه سگهيو آهي، جنهن سبب ٿري عوام کي رمضان پئڪيج مان ڪو به لاڀ نه مليو آهي ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن اڃا تائين حڪومتي اعلان تي عمل ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿي وئي آهي، جنهن ڪري خدا جي خلق رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني ۾ پڻ روزانه جي استعمال ۾ ايندڙ شين جي خريداري لاءِ هٿرادو مهانگائي جو عذاب ڀوڳڻ تي مجبور آهي، ٻئي پاسي مٺي سميت ٿر جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪڻڪ جي اٽي جو بحران برقرار آهي، جڏهن ته اٽي چڪي مالڪن کي خوراڪ کاتي طرفان ڪالهه ڪڻڪ جي فراهمي 19 رپيا 32 پئسا في ڪلو جي حساب سان شروع ڪئي وئي آهي، ان جي باوجود اٽي چڪين وارا اٽو ساڍا 25 رپيا في ڪلو جي حساب سان يعني سوا 6 رپيا في ڪلو تي منافعو رکي غريب عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن، جنهن ڪري غريب ماڻهو بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن، جڏهن ته ضلعي انتظاميا ۽ خوراڪ کاتي جا عملدار ڏيتي ليتي جي بنياد تي خاموش تماشائي بڻيل آهن، معلوم ٿيو آهي ته 4 ڏينهن اڳ ۾ ڊي سي او ٿرپارڪر جي صدارت ۾ ضلعي پرائيز ڪنٽرول ڪاميٽي ڪڻڪ جي اگهه جي حساب سان 3 رپيا في ڪلو منافعو رکي اٽي چڪين  کي ساڍا 25 رپيا في ڪلو اٽي جي وڪري جو اگهه مقرر ڪري ڏنو ويو هو پر هاڻي خوراڪ کاتي طرفان اٽي چڪين کي ڪڻڪ کليل مارڪيٽ ۾ هلندڙ اگهه ساڍا 22 رپيا في ڪلو کان گهٽائي 19 رپيا 38 پئسا في ڪلو ڪڻڪ مهيا ڪرڻ باوجود اٽي چڪي مالڪ ڪڻڪ جو اٽو سوا 6 رپيا ڪلو تي منافعو  رکي وڪرو ڪري رهيا آهن، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي مٺي جي اٽي چڪي مالڪ ڪشور ڪمار ٻڌايو ته اسان کي خوراڪ کاتي طرفان ڪڻڪ جي فراهمي برابر 19 رپيا 32 پئسا في ڪلو جي حساب سان ڪئي وئي آهي ۽ اسان کي انهي مليل ڪڻڪ جي اٽي جو اگهه خوراڪ کاتي طرفان ساڍا 24 رپيا في ڪلو مقرر ڪري ڏنو ويو آهي ۽ اسان کي ڪڻڪ جي ڪوٽا هر هڪ چڪي پٿر کي 21 ٻوريون 100 ڪلو گرام جون هڪ هفتي جي ڪوٽا طور ڏنيون ويون آهن، هن چيو ته اسان ان مليل ڪڻڪ جو اٽو 24 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪنداسين، باقي وري به اسان کليل مارڪيٽ جي حساب سان اٽو ساڍا 25 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪري رهيا آهيون. ٻئي طرف اهو به چيو وڃي ٿو ته خوراڪ کاتي جي عملدارن اٽي چڪي مالڪن کان ڏيتي ليتي جي بنياد تي سرڪاري ڪڻڪ جي اٽي جو اگهه ساڍا 6 رپيا في ڪلو منافعو رکي 24 رپيا 50 پئسا اگهه مقرر ڪري ڏنو آهي.