|
روزانه ڪاوش |
|
دادو ۾ ڊاڪٽر کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش،فائرنگ،2 زخمي دادو (ن ڪ) دادو شهر جي غريب آباد پاڙي ۾ هٿياربندن جي هڪ ڪلينڪ تي حملو ڪري هٿيارن جي زور تي ڊاڪٽر منير احمد عباسي کي يرغمال بڻائي ورتو، مزاحمت ڪندي ڊاڪٽر هڪ هٿياربند کي پڪڙي وڌو، جنهن پاڻ ڇڏائڻ لاءِ فائرنگ ڪئي ۽ ٻيا هٿياربند پڻ ڪلينڪ ۾ داخل ٿي ويا، هٿياربند ڊاڪٽر کي مارڪٽ ڪرڻ بعد انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، جنهن دوران گولي لڳڻ سبب ڪمپائونڊر عبدالرزاق ٻٻر زخمي ٿي پيو، جنهن کي دادو اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، تشدد جود شڪار ڊاڪٽر منير عباسي ڪاوش کي ٻڌايو ته هٿياربند ڌاڙيل هئا، جيڪي مريض ٿي الٽراسائونڊ ڪرائڻ بهاني آيا ۽ اوچتو هنن هٿيار ڪڍيا ۽ مون کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون مزاحمت ڪئي، ڏينهن ڏٺي جو واقعو ٿيڻ افسوسناڪ عمل آهي، هن چيو ته سيوهڻ جي ڊاڪٽر معين صديقي وانگر کيس اغوا ڪرڻ لاءِ حملو ڪيو ويو هو، تحفظ فراهم ڪيو وڃي نه ته ڊاڪٽر سخت احتجاج ڪندا. |