روزانه ڪاوش

پريالوءِ پوليس جو دڪاندار تي وحشياڻو تشدد، 2 ڪلاڪ اس ۾ بيهاري ڇڏيو

پريالوءِ (ن ڪ) پريالوءِ جي شاهي بازار ۾ پوليس هڪ دڪان تي چڙهائي ڪري دڪان مالڪ جيتو مل کي تشدد بعد کنڀي وئي ۽ ٿاڻي تي پڻ تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد کيس نٽهڻ اس ۾ 2  ڪلاڪ بيهاري ڇڏيو، بعد ۾ واپاري اڳواڻ جي مداخلت تي 5 هزار رپيا رشوت وٺي کيس ڇڏي ڏنو، ان سلسلي ۾ جيتو مل ٻڌايو ته پوليس تشدد ڪري بيحال ڪي ڇڏيو ۽ چيو ته تون ڏوڏي وڪرو ڪرين ٿو، هوڏانهن پوليس جي زيادتي خلاف اڄ شهر ۾ شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي.