روزانه ڪاوش

لياقت جتوئي ڏيهه پهچي ويو، خاموشي سان ٻيٽو آمد

ميهڙ (ن ڪ) پاڻي ۽ بجلي جو اڳوڻو وفاقي وزير لياقت علي جتوئي 7 مهينن کانپوءِ دبئي مان ڪالهه اوچتو ڏيهه ورڻ بعد خاموشي سان ٻيٽو جتوئي پهتو، لياقت جتوئي جو ٻيٽو پهچڻ تي دادو ضلعي جي اهم سياسي شخصيتن،  چڱن مڙسن، ناظمن ۽ مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻن استقبال ڪيو ۽ مٿس گلن جي ورکا ڪئي، ذريعن موجب ملڪ جي صدر آصف علي زرداري سميت پ پ قيادت ۽ لياقت جتوئي وچ ۾ دبئي ۽ ملڪ جي اهم شخصيتن ٽياڪڙي ڪئي، اهي به اطلاع آهن ته عيد کانپوءِ لياقت جتوئي اهم سياسي اعلان ڪندو، لياقت جتوئي جي ڏيهه ورڻ بعد پ پ جي مقامي قيادت ۾ مايوسي ڇانئجي وئي آهي،  لياقت جتوئي فيبروري  جي عام چونڊن بعد ملڪ مان ٻاهر هليو ويو هو.