سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

ماٿيلي ۾ بي رحم پيءُ روزيدار نياڻيءَ کي ڪارنهن الزام هڻي قتل ڪري ڇڏيو:لاش لوڙهڻ جي ڪوشش

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: لطيف لغاري) ميرپورماٿيلو ۾ بي رحم پيءُ ڪارنهن الزام هڻي پنهنجي 14 سالن جي روزيدار ڌيءُ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدارن پاران لاش لوڙهڻ جي ڪوشش، ماءُ اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪري ڌيءُ جي لاش کي لڙهڻ کان بچائي ورتو، خبر موجب ميرپورماٿيلو ويجهو پوليس ٿاڻي ٻيلو ميرپور جي حد جي ڳوٺ وريام انڙ ۾ ڪالهه هڪ شخص علي مراد انڙ پنهنجن ٻين ساٿين سان گڏجي پنهنجي 14 ورهين جي معصوم ڌيءُ مسمات حاجران کي ملڪ برادري جي هڪ نوجوان علي گل ملڪ سان ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ئي گهر جي اڱڻ تي ديوار جي ڇانو ۾ روزي سان ويٺل پنهنجي ڌيءُ کي ساٿين سان گڏجي سان بندوق جا لاڳيتا 2 فائر ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجن ساٿين سان گڏجي معصوم نياڻي جو لاش کڻائي ڳوٺ ڀرسان وهندڙ مسو واهه ۾ لوڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، خبر پوڻ تي معصوم نياڻي جي ماءُ اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪيون، عورت جي دانهن تي ڪيترائي ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا، جنهن بعد جوابدار معصوم نياڻي جو لاش ڇڏي فرار ٿي ويا ۽ معصوم نياڻي جي ماءُ مسمات شريفان پنهنجي ڌيءُ جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ميرپورماٿيلو کڻائي آئي، جڏهن ته اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر جي غير موجودگي سبب لاش اسپتال ۾ پيل هو ۽ مٿس ماءُ ماتم ڪندي پنهنجي مڙس کي پٽون ۽ پاراتا ڏئي رهي هئي، ان موقعي تي هن صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو مڙس پنهنجي ڀاءُ علي محمد انڙ ۽ ٻن ماروٽن شهمير ۽ شاهنواز انڙ سان گڏ منهنجي ڌيءُ مٿان ڪوڙو ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪيو آهي، هوڏانهن ٻيلو ميرپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو ۽ ايس ايڇ او ٻيلو ميرپور عبدالوهاب پتافي ٻڌايو ته هڪ جوابدار مقتولا جو چاچو علي محمد انڙ پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن قتل جو اعتراف به ڪيو آهي، هن ٻڌايو ته ڪيس اڃا تائين ان ڪري داخل ٿي نه سگهيو آهي جو اسان وٽ فريادي ناهي پهتو، جيئن فريادي ايندو ڪيس داخل ڪيو ويندو.