روزانه ڪاوش

اوستا محمد لڳ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن هٿان ماءُ 2 معصوم ٻارن سميت قتل

اوستا محمد/جعفرآباد (نمائندن وٽان) اوستا محمد لڳ هٿياربندن انڌا ڌند فائرنگ ڪري هڪ عورت ۽ سندس ٻن معصوم ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مقتولا جو مڙس ۽ نوجوان پٽ زخمي ٿي پيا، تفصيل موجب اوستا محمد لڳ باغ هيڊ ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ خادم حسين رند ۾ پنج هٿياربندن هڪ شخص عبدالستار کوسي جي گهر ۾ گهڙي انڌا ڌند فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ ڪري 40 ورهين جي عورت شهزادي زال عبدالستار کوسو، سندس 4 سالن جي ڌيءُ صفيه ۽ 6 ورهين جو پٽ راشد حسين ٿڏي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته گهر ڌڻي 40 سالن جو عبدالستار کوسو ۽ 12 ورهين جو پٽ فتح محمد شديد زخمي ٿي پيا، هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي اوستا محمد پوليس پهچي مقتولن جا لاش مقامي اسپتال پهچايا، جڏهن ته زخمي پيءُ پٽ کي نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو، مقتولا ماءُ ۽ سندس ٻن معصوم ٻارن جا لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، واقعي جو ڪارڻ پراڻو سڱاوتي تڪرار ٻڌايو وڃي ٿو، جوابدار ڌر سنڌ جي قادرپور واري علائقي ۽ کوسا برادري جي ڄاڻائي وڃي ٿي، جڏهن ته مقتولن وارو خاندان به اڳ قادرپور علائقي ۾ رهندو هو 4 سال پهرين بلوچستان آيو هو ۽ هارپو ڪندو هو، هوڏانهن ڳوٺ جي وڏيري خادم حسين رند جو چوڻ آهي ته هاري عبدالستار کوسو سڱاوتي تڪرار بعد ڳوٺ قادرپور ڇڏي هتي اچي وٽس هارپو ڪرڻ شروع ڪيو هو پر موت جي راڪاس سندن پيڇو نه ڇڏيو، ٻئي طرف آخري اطلاعن تائين پوليس ڪيس داخل نه ڪيو هو، جڏهن ته مقتولن کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي.