سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

لاڙڪاڻي ۾ مينهن کي وهنجاريندي نوجوان ٻڏي فوت

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ نوجوان مينهن کي وهنجاريندي ٻڏي فوت، ڳوٺ وڏا آگاڻي وٽ دادو ڪئنال ۾ مينهن کي وهنجاريندي نوجوان اختيار پٽ نبن شيخ ٻڏي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش ٽوٻن ذريعي ڳولي هٿ ڪرڻ بعد گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، فوتي والدين جو اڪيلو پٽ هو ۽ 10 ڏينهن اندر سندس شادي ٿيڻي هئي، لاش گهر پهچڻ وقت سندس شادي جا سهرا گونجي رهيا هئا، جيڪي ڪيڏاري ۾ تبديل ٿي ويا.