سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
آبپاشي سيڪريٽري آر بي او ڊي 3-سم نالي کي شهدادڪوٽ لاءِ هاڃيڪار قرار ڏئي ڇڏيو،واپڊا سان رابطو ڪبو:پرهياڙ شهدادڪوٽ (رپورٽ: عدنان ڀٽي) آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري مير محمد پرهياڙ پاڻي جي صورتحال، آر بي او ڊي 3 واري سم نالي جي رٿا ۽ سالار شاخ جي ٿيندڙ سروي جي سلسلي ۾ ڪالهه شهدادڪوٽ پهچي سيف الله مگسي ڪئنال سميت مختلف شاخن جو معائنو ڪيو، بعد ۾ هن شهدادڪوٽ ۾ ايريگيشن ريسٽ هائوس ۾ آبادگارن سان گڏجاڻي ڪئي، ان موقعي تي سنڌ آبادگار بورڊ جي ضلعي صدر مير اسحاق مغيري، اڳوڻو صلاحڪار نور نبي جوڻيجو، غلام قادر مغيري، عبدالخالق کوسو، مير اختر بروهي، عبدالله مغيري، واجد چانڊيو ۽ ٻين سيڪريٽري آڏو دانهيندي چيو ته چيف انجنيئر رائيٽ بئنڪ لاڙڪاڻو آغا اعجاز پٺاڻ آبادگارن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي، آبادگارن جي ڪا شڪايت ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي، جنهن ڪري چيف انجنيئر ليفٽ بئنڪ سکر کي ڄاڻايل چارج ڏني وڃي، آر بي او ڊي 3 سم نالي وسيلي بلوچستان کان ايندڙ زهريلو پاڻي شهدادڪوٽ ۽ قبو سعيد خان تعلقن کي تباهه ڪري ڇڏيندو، انهي رٿا کي ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسين سخت احتجاج ڪنداسين، سالار شاخ جي سروي مڪمل ڪرائي ڪم شروع ڪرايو وڃي، جيئن پاڻي جي کوٽ ختم ٿئي، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سيڪريٽري آبپاشي مير محمد پرهياڙ چيو ته پاڻي جي کوٽ ختم ٿي وئي آهي، هر طرف آبادي ٿيل آهي، بلوچستان کان ايندڙ آر بي او ڊي 3 سم نالو شهدادڪوٽ لاءِ وڏو هاڃيڪار ثابت ٿيندو، انهي سان علائقو سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي ويندو، شهدادڪوٽ شهر پڻ ٻڏڻ جو خطرو رهندو، ڄاڻايل سم نالي کي هير الدين ڊرين کان جبل ڍنڍ واري رستي ڏانهن ڪڍيو وڃي، ان مسئلي لاءِ واپڊا اختيارين سان ڳالهائي تڪڙو قدم کنيو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته اين ڊبليو سي (N.W.C) کان نڪرندڙ سالار شاخ جي سروي مڪمل ٿي وئي آهي، نادر مگسي سان ڳالهائي جلد ڪم شروع ڪرايو ويندو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻوڏ کانپوءِ ايف پي بچاءُ بند جي مرمتي ڪم ۾ گهوٻين جو فائيل في الحال بند ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن فائيل کولينداسين ته پاڻي کوٽ جو مسئلو ٻيهر ڪر کڻندو، بلوچستان طرفان پاڻي چورائڻ واري اشو تي ڳالهائڻ سان ٻنهي ڌرين جي ماڻهن ۾ نفرتون پکڙجي وينديون، جنهن ڪري ڳالهائڻ کان معذرت ڪريان ٿو. |