|
شهيد
بينظير جي قرباني بعد جڙيل حڪومت مان عوام کي فائدو ناهي
پهتو:آريسر
دادو (ن
ڪ) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين عبدالواحد آريسر چيو آهي ته
شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي خون جي نذراني سبب جڙيل نئين چونڊيل
سرڪار مان عوام کي اميدون هيون پر 7 مهينن ۾ عوام کي ڪو به
فائدو ناهي پهتو، معاشي حالتون ناهن سڌريون ۽ ملڪ کي نقصان جو
خطرو آهي، اهڙو اظهار هن ڪالهه ڊاڪٽر هارون ڀرڳڙي جي ڏاڏيءَ جي
وفات تي سندس تڏي تي تعزيت بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو،
آريسر چيو ته سرڪار دهشتگردي روڪڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿي وئي آهي،
اٽو، گيهه، کنڊ، تيل ۽ ڀاڻ مهانگو ٿي ويو، کاڌ خوراڪ جون شيون
آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون آهن، غريب ماڻهو 3ويلا پيٽ ڀري
ماني نه ٿا کائي سگهن، ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، غربت سبب
غريب ماڻهو پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آهن پر سرڪار اکين تي پٽي
۽ ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ڇڏي آهي،
|