ٽنڊي الهيار ڀرسان ايم اين اي فريال ٽالپر جو هاري قتل

ٽنڊو الهيار (ن ڪ)  ٽنڊو الهيار ٿاڻي جي حد خواجا ڳوٺ لڳ  ايم اين اي فريال  ٽالپر جي زرعي فارم وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري سندس هاري  45 سالن جي اڪو ڀيل کي قتل ڪري ڇڏيو، معلوم ٿيو آهي ته اڪو ڀيل کير وڪرو ڪري واپس اچي رهيو هو ته زرعي فارم وٽ لڪي ويٺل هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ هو موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس لاش کڻائي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو، مقتول جا وارث سندس مڙهه ميرپورخاص کڻائي ويا، جڏهن ته ٽنڊي الهيار ٿاڻي تي ڪو به ڪيس داخل نه ڪرايو ويو هو ۽ نه ئي پوليس ان سلسلي ۾ ڪا گرفتاري ڪئي آهي.