نوابشاهه پوليس ڌاڙيلن جيان ڪاوش عيوضي امتياز ميمڻ کي کنڀي وئي:ڪيس داخل

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) نوابشاهه پوليس نيوسعيدآباد واري ڪاوش عيوضي کي هالا وٽان کنڀي ورتو، اکين تي پٽيون ٻڌي بي سيڪشن نوابشاهه ٿاڻي تي آڻي بدسلوڪي ڪئي وئي، پوليس پاران ”ڪاوش“ عيوضي خلاف جڙتو ڪيس داخل، رپورٽن موجب زونل ڪاوش جو نيو سعيدآباد وارو عيوضي امتياز ميمڻ سومر 30 جون تي مٽياري ضلعي ڪائونسل جي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ بعد يوسي ناظم شهمير راهو، نويد راهو، سندس ڀاءُ عبدالجبار راهو، آچر ميمڻ ۽ الهورايو ملاح سان گڏ ڪار ۾ سوار ٿي نيوسعيدآباد اچي رهيو هو ته هالا نوان باءِ پاس تي سي اين جي پمپ وٽ ايس پي جاچ نوابشاهه الطاف لغاري جي اڳواڻي ۾ سول ۽ پوليس ڊريس ۾ نوابشاهه ضلعي جي پوليس سندن ڪار کي روڪي امتياز ميمڻ سميت سڀني جون اکيون ٻڌي موبائيل فون ڦري موبائيل گاڏي ۾ ٻنهي سيٽن جي وچ ۾ ويهاري بي سيڪشن ٿاڻو نوابشاهه وٺي وڃڻ بعد امتياز ميمڻ طرفان ڪاوش عيوضي طور تعارف ڪرائڻ باوجود ايس پي جاچ نوابشاهه کيس گٿا لفظ ڳالهائي کيس ٻهراڙي ۾ کڻي وڃي جڙتو مقابلي ۾ مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، بعد ۾ وڏي منشي جي رهائش واري ڪمري ۾ واڙي ڇڏيو، حيدرآباد ريجن جي اعلى پوليس اختيارين جي مداخلت تي امتياز ميمڻ کي اڱاري رات دير سان آزاد ڪيو ويو، هوڏانهن پوليس سڪرنڊ ٿاڻي تي امتياز ميمڻ سميت 14 ڄڻن تي قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ جي ايف آءِ آر نمبر 139/08 داخل ڪئي آهي، نوابشاهه پوليس جي ڪارروائي ۾ امتياز ميمڻ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل تي نيوسعيدآباد، هالا، ڀٽ شاهه، کنڊو، کيبر، اڏيرو لال، نصرپور، مٽياري ۽ سڪرنڊ جي صحافين سخت احتجاج ڪندي نوابشاهه پوليس خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ ڪوڙو ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي طرف امتياز ميمڻ سان بدسلوڪي ڪندڙ ايس پي جاچ نوابشاهه الطاف لغاري ”ڪاوش“ هيڊ آفيس سان فون رستي رابطو ڪري واقعي تي معذرت ڪئي، هوڏانهن ڊي پي او نوابشاهه رخسار کهاوڙ پڻ ”ڪاوش“ هيڊ آفيس سان رابطو ڪري واقعي تي افسوس ظاهر ڪندي امتياز ميمڻ خلاف داخل ڪيس خارج ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، ٻئي طرف ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُ الله عباسي ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته ڪنهن به صحافي خلاف زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي، امتياز ميمڻ سان پيش آيل واقعي جي جاچ ڪرائي ذميوار اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.