|
ذوالفقار مرزا کي خبر ناهي ته ”ڪيٽي ممتاز“ ٿاڻي جو نالو آهي:ممتاز ڀٽو ميرپور ڀٽو (پ ر) سنڌ نيشنل فرنٽ جي چيئرمين سردار ممتاز علي ڀٽو هڪ بيان ۾ سنڌ جي گهرو وزير ذوالفقار مرزا جي ان بيان ته ڪيٽي ممتاز ۾ ڌاڙيل ۽ ڏوهاري رهندا آهن جي جواب ۾ چيو آهي ته هن وزير کي اها خبر ئي ڪونهي ته ڪيٽي ممتاز ڪچي ۾ هڪ ٿاڻي جو نالو آهي، جنهن جي حد ۾سرڪاري ٻيلي کانسواءِ شهيد ذوالفقار ڀٽو جو فارم، ڳوٺ عزت خان سان گڏ کهڙن، موهلن، ڦلپوٽن، شيخن، جتن، جوڻيجن، ناريجن ۽ٻين برادرين جي هزارين ايڪڙ زمين ۽ ڪيترائي ڳوٺ شامل آهن، اتي سرڪاري ٻيلن ۽ جهنگلن ۾ اڍائي سالن کان وٺي ڌاڙيلن جو ٽولو رهندڙ آهي، جنهن جي ارباب رحيم، قائم علي شاهه ۽ جيڪي به آءِ جي، آر پي او ،ڊي آءِ جي، ڊي پي او، ايس پي او ۽ ايس ايڇ او ان عرصي ۾ آيا ويا آهن انهن سڀني کي بخوبي خبر آهي ۽ ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي عملي گهڻي وقت کان وٺي ٿاڻو ڇڏي وڃي نئون ديرو ريلوي اسٽيشن تي پناهه ورتي آهي، نه رڳو اهو پر ڪيٽي ممتاز ۽ لاڳاپيل نئون ديرو ٿاڻي جو ايس پي او ۽ صوبيدار ڌاڙيلن جي خدمت چاڪر ڪندا آيا آهن، جن کي پروموشن ڏئي ساڳئي جاءِ تي رکيو ويو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو تازو آپريشن ناڪام ويو ۽ پوليس باهيون ڏئي نه صرف سرڪاري ٻيلن ۽ خانگي ملڪيت کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو آهي پر علائقي جا ڪيترائي هاري ۽ ڌنار کڻي گم ڪري ڇڏيا آهن، اهڙي ڪاهه شهيد ڀٽو جي ڳوٺ عزت خان تي به ڪئي وئي آهي پر ڌاڙيلن جي وار کي به تڪليف نه پهتي آهي.هوڏانهن ٽنڊو محمد خان لڳ ڳوٺ باران لغاري جي سوين معززين الهه بخش لغاري، ڪريم بخش لغاري، بشير لغاري، سڪندر لغاري، جلال خان لغاري، غلام مرتضيٰ لغاري، محبوب علي لغاري، ماڻڪ لغاري، حسن لغاري، خدا بخش لغاري، احمد خان لغاري، محمد هاشم لغاري، محمد سليم لغاري، حاجي طالب لغاري، منظور لغاري ۽ ٻين پارٽي تان استعيفا ڏئي سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ۽ ممتاز علي ڀٽو تي اعتماد جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي خطاب ڪندي ايوب شر چيو ته هاڻي سنڌي ممتاز علي ڀٽو جي قيادت کي ئي آخري اميد سمجهي رهيا آهن، ۽ کين جلد وڏي خوشي نصيب ٿيندي، تقريب کي مظفر سهتو، مير مظفر ٽالپر، غلام محمد خاصخيلي، نارائڻ داس، مختيار لغاري ۽ ٻين خطاب ڪيو.
|