دادو ڀرسان هٿياربندن ڊرائيور کي قتل ڪري ڇڏيو

دادو (ن ڪ) دادو لڳ ڳوٺ سونو چانڊيو ۾ رات دير سان هٿياربندن جي حملي ۾ زمين تي ٽريڪٽر هلائيندڙ پ پ هاري ڪاميٽي جي ضلعي اڳواڻ صدرالدين چانڊيو جو ڊرائيور 40 سالن جو محمد نواز چانڊيو قتل ٿي ويو، جهلو پوليس پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو، منير ۽ امتياز چانڊيو ٻڌايو ته ڳوٺ جي  ماڻهن اسان جي ڊرائيور کي قتل ڪيو آهي، ڳوٺ کان ٻاهر پيرو نه ٿو نڪري، پر وڏيرو زبردستي دشمني پاڙڻ لاءِ ٻئي ڳوٺ جي جوابدارن تي ڪيس داخل ڪرائڻ چاهي ٿو، جنهن تي جهلو پوليس ڪيس نه ٿي وٺي، هنن چتاءُ ڏنو آهي ته پوليس وڏيري جي ڌر ٿيڻ بجاءِ قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ته هو بک هڙتال شروع ڪندا، هوڏانهن قتل جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو.