سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
ڳڙهي خيرو لڳ نينگر جي قتل مامري جو راڄوڻي نبيرو،جوابدار ڌر تي 16 لک ڏنڊ ڳڙهي خيرو (نمائنده خصوصي) ڳڙهي خيرو لڳ 3 مهينا اڳ ڦر دوران هٿياربندن هٿان قتل ٿيل نينگر مامري جو راڄوڻي نبيرو ڪري جوابدار ڌر تي 16 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، 12 ورهين جي عبدالخالق پٽ محمد عالم کنڊ جي قتل مامري جو راڄوڻي نبيرو بلوچستان جي ڳوٺ الهڏنو رند ۾ حاجي غلام مصطفيٰ رند جي سرپئنچي هيٺ ٿيو، جنهن ۾جوابدار ڌر جي علي مردان عمراڻي ۽ حاجي جمالي مٿان نينگر کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 16 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، جيڪو مقتول نينگر جي والد کي ٽن قسطن ۾ ڏنو ويندو.
|