سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

پيرڳوٺ جو ڏيڍ مهينو اڳ اغوا ٿيل نينگر گهر پهچي ويو

پير جو ڳوٺ (ن ڪ) پير ڳوٺ جو ڏيڍ مهينو اڳ اغوا ٿيل نينگر 13 سالن جو امجد لوڊو گهر پهچي ويو آهي، نينگر ٻڌايو ته هو راهوجا اسٽاپ وٽ پير ڳوٺ وڃڻ لاءِ بيٺو هو ته ڊاٽسن سوار ماڻهن کڻي گاڏي تي ويهاريو، مون رڙيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هنن منهنجو وات ٻڌو ۽ حيدرآباد ويجهو هڪ هوٽل تي ماني کاڌي، اتي هنن هڪ ٻئي کي چيو ته هن کي قتل ڪري لاش اڇلايون ٿا، ٻئي چيو ته هن کي قتل نه پر ايڌي حوالي ڪيون ٿا متان ڪو وڏو مسئلو نه ٿي وڃي، جنهن بعد هنن ڪراچي ۾ ايڌي حوالي ڪيو، جتي منهنجو ريڊيو انٽرويو نشر ڪيو ويو، جنهن بعد وارث پهچي مون کي وٺي آيا آهن.