سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

شڪارپور ضلعي ۾ زڪوات لاءِ آيل 2 ڪروڙ 88 لک رپيا ورهائجي نه سگهيا، مستحق عيد ڪرڻ کان محروم

لکي غلام شاهه (ن ڪ) شڪارپور ضلعي ۾ عشر زڪوات جي مد ۾ آيل 2 ڪروڙ 88 لک رپيا ورهائجي نه سگهيا، مستحق عيد ڪرڻ کان محروم، ضلعي زڪوات ڪاميٽي جي ميمبرن پاران زڪوات جي ضلعي چيئرمين خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان، شڪارپور ضلعي ۾ گندارا الائونس، مورا اسڪالرشپ، دوائن، مدرسن جي فنڊن ۽ ٻين مدن ۾ مسڪين ماڻهن جي مدد لاءِ آيل پوڻا ٽي ڪروڙ رپيا ورهائجي نه سگهيا، ضلعي زڪوات آفيس جي عملي پاران رشوت نه ملڻ ڪري گذارا الائونس هڪ ڪروڙ 88 لک رپيا، مورا اسڪالرشپ جا  43 لک 86 هزار، دوائن جا 14 لک ۽ مدرسن لاءِ آيل رقم ۽ عيد الائونس جا 34 لک ورهائجي نه سگهيا، ضلعي زڪوات ڪاميٽي جي ميمبرن جي ميٽنگ  جا منٽس ۽ مدرسن بابت آيل رقم جي ڄاڻ نه ڏيڻ خلاف ضلعي ڪاميٽي جي 9 ميمبرن مان 5 ميمبرن وزير حسين جتوئي، انور علي شيخ، منظور احمد پنهور، نواب خان پٺاڻ، نجيب الله سجراع احتجاج ڪندي ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي، زڪوات ڪاميٽي جي ميمبرن الزام هنيو ته ضلعي چيئرمين عزيز الله منگي پنهنجي مرضي هلائي ڪجهه بااثر ڌرين کي راضي ڪرڻ لاءِ مختلف ديهن جي لوڪل چيئرمينن کي تنگ ڪري رهيو آهي ۽گذارا الائونس جي في قسط 66 لک 25 هزار ۽ ٻي قسط جا 66 لک 25 هزار رپيا ورهائڻ کان لنوائي رهيو آهي، جڏهن ته مسڪين ماڻهن لاءِ آيل عيد الائونس واري رقم پڻ ظاهر نه ڪئي وئي آهي، جيڪي 34 لک 475 رپيا ٿين ٿا، مورا اسڪالرشپ ۾ پرائمري جي شاگردن  لاءِ آيل 16 لک 59 هزار 6 سئو مڊل جا 5 لک 48 هزار 395 رپيا، نائين ۽ ڏهين جا 10 لک 93 هزار 500 يارنهن، ٻارنهن ۽ سيڪنڊري جا 10 لک 95 هزار 370 رپيا پڻ ظاهر نه ڪيا ويا، جڏهن ته مدرسن ۾ پڙهندڙ غريب طالبن جي مدد لاءِ آيل لکين رپيا پڻ ظاهر نه ٿيڻ خلاف ضلعي زڪوات ڪاميٽي جي ميمبرن پاران ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ خميس ڏينهن پريس ڪانفرنس ذريعي زڪوات ڪاميٽي جي چيئرمين خلاف ڪچو چٺو ظاهر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، هوڏانهن زڪوات ڪاميٽي شڪارپور جي چيئرمين عزيز الله منگي پاران ضلعي زڪوات ڪاميٽي جي ميمبرن حافظ عبدالرشيد چاچڙ کي هٽائي مولوي عبدالوهاب ڀيو کي مقرر ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪيو ويو، جيڪو ڪجهه ڪلاڪن بعد رد ڪري حافظ عبدالرشيد چاچڙ کي ٻيهر مقرر ڪيو ويو، حافظ عبدالرشيد چاچڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته کيس صوبائي چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو، ضلعي چيئرمين وٽ اختيار نه هئڻ باوجود هن صوبائي وزير پاران جاري ڪيل ليٽر تي کيس هٽايو ويو، جنهن جي لوڪل زڪوات ڪاميٽي جي سيڪريٽري نوٽيس وٺي رد ڪيو آهي.